24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف نا اهليءَ کانپوءِ

امير ڀنڀرو

 ٺيڪ فيصلي کان ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف چيو هو ”ته اڊيالا جيل جي صفائي پئي ٿئي انهن کي ڪيئن خبر پئي ته ڪير اچي رهيو آهي“ نواز شريف جي انهيءَ بيان جي ٻه ڏينهن بعد سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 62، ون ايف تحت پارليامينٽ جي ميمبرن جي نااهلي واري عرصي متعلق پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ نااهلي عمر ڀر لاءِ هوندي.

اها بئنچ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جوڙيل هئي، جنهن جا چار ٻيا سپريم ڪورٽ جا جج ميمبر هئا، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو ماڻهو صادق ۽ امين نه آهي، ان کي ملڪ جو آئين تاحيات نااهل قرار ڏئي ٿو ۽ جيستائين عدالتي ڊڪليئريشن موجود آهي، نااهلي برقرار رهندي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اها به وضاحت ڪئي آهي ته آئين تحت عمر ڀر واري پابندي ڪو امتيازي، ڪنهن سان زيادتي يا غير معقول ناهي پر اميدوار جي اهليت تي آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت پابندي عوامي ضرورت ۽ مفاد ۾ آهي،

نواز شريف خلاف آيل تازي فيصلي ۽ هن جي اڊيالا جيل بابت ڏنل بيان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته نواز شريف جو اهو بيان انهن ئي ڪورٽن ڏانهن اشارو ۽ نشانو هو جن ڪورٽن کي هو هڪ سال کان مسلسل نشانو بڻائيندو پيو اچي، نواز شريف جيڪو شروع کان ئي هڪ طرف قانون مٿان احترام جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي ته ٻئي طرف هو انهن ئي ڪورٽن خلاف اهڙا تاريخي حملا ڪندو رهيو آهي جيڪي حملا ملڪ جي سياست م شايد ئي ڪنهن ٻئي سياسي چهري ڪيا هجن،

نواز شريف جي اهڙي سياسي ذهن مان اندازو لڳائڻ تمام مشڪل آهي ته هي سياستدان آخر ڪهڙي سياست چاهي ٿو جنهن سياست ۾ هڪ طرف هو قانون جي احترام جون ڳالهيون ڪري ٿو ٻئي طرف هو قانون مٿان تاريخي حملا ڪري ٿو هڪ طرف هو قانون ڏانهن مفاهمت جا نياپا ڪرائي ٿو، هڪ طرف هو اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار جون ڳالهيون ڪري ٿو ٻئي طرف هو اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکاري ٿو، انهي سياسي سفر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نواز شريف کي اها سياسي غير سنجيدگي وڌيڪ ڪهڙين بند گهٽين ۾ وڃي بيهاريندي ،

نواز شريف جنهن کي اڳ ۾ ئي اهڙو رستو نه ٿو ملي جنهن رستي مان هو پاڻ کي ڪنهن محفوظ جڳهه تي پهچائي سگهي يا پاڻ کي ڪجهه محفوظ سمجهي سگهي، هاڻي جڏهن پوري ملڪ ۾ اليڪشن جو تياريون هلي رهيون آهن پوري ملڪ جا سياستدان ڪوڙن ٺڪاون،  دڙڪن ۽ دهمانن سان پنهنجي پنهجي تڪن ۾ پهتل آهن. اهڙن سياسي ميدانن ۾ نواز شريف جو نه هجڻ پڻ هن لاءِ هڪ اهڙو سياسي نقصان آهي جيڪو سياسي نقصان نگران حڪومت کانپوءِ ايندڙ حڪومت ۾ ٻڌائي سگهبو ته نواز شريف کي هلندڙ حالتن جو ڪيترو نقصان رسيو جيڪو منهنجي خيال مطابق هڪ سياسي پارٽيءَ ۽ شخصيت لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙو نه هوندو،

هن ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ناهي ته سپريم ڪورٽ جي موجوده فيصلي جا ملڪ جي سياسي تاريخ تي نهايت ئي گهرا اثر پوندا، انهي حوالي سان ته ڪابه ملڪي سياسي پارٽي اثرن هيٺ اچي سگهي ٿي، پر هن وقت فوري طور تي هن آزمائش مان مسلم ليگ (ن) ئي گذري رهي آهي. انهيءَ آزمائش جي شروعات ته گذريل سال 28 جولاءِ تي ان وقت ٿي چڪي هئي جڏهن ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو هو ۽ پوءِ هن اسلام آباد کان لاهور تائين جو سفر جي ٽي روڊ جي رستي اختيار ڪيو، جنهن دوران هو مسلسل ”مجهي ڪيون نڪالا“ وارو سوال ۽ مطالبو ڪندو رهيو آهي، جيڪو اڳتي هلي سياسي سوال بڻجي شريف خاندان ۽ ان جي پارٽيءَ جي نعري ۾ تبديل ٿي ويو.

ميان صاحب پاڻ کي نظرياتي به چوندو رهيو، عوامي جلسا به ڪندو رهيو، جنهن ۾ ڪي سوال اٿاريندو رهيو ته ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي پنهنجي آئيني مدت پوري ڇو نه ڪرڻ ڏني وئي. هن شيخ مجيب الرحمان جا به حوالا ڏنا، جنهن تي مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿي، ٽي ڏينهن اڳ فيصلو جيتوڻيڪ نواز شريف جي خلاف آيو آهي ان فيصلي سڀني سياستدانن جا ڪن ضرور اڀا ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻ هر ڪنهن کي اڊيالا جيل جي ماضي ۾ کاڌل ماني ٻيهر ياد اچڻ لڳي آهي ۽ هر سياستدان اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته هاڻ ڪو به سياستدان ڪنهن به وقت نه رڳو تاحيات نااهل ٿي سگهي ٿو پر اهو اڊيالا جيل جي هوا به کائي سگهي ٿو.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ مارشل لا وارن دورن کان پوءِ اهو ٻيو ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو آهي جنهن ۾ اقتدار ته سياستدانن جي هٿن ۾ آهي، اسيمبلين جا به کليل آهن پر بي يقيني واري اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي جو ڪو به سياستدان يا وڏي کان وڏو ڪامورو پاڻ کي نه رڳو بي اختيار سمجهي رهيو آهي پر هاڻ هر فيصلو ڪرڻ کان اڳ گهٻرائي به رهيو آهي يا ڪو به فيصلو ڪرڻ جي همت ئي نه ڪري ر هيو آهي ائين کڻي چئجي ته سڄي حڪومتي مشينري هڪ اهڙي اڻ ڏٺل خوف جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ انهن جي فيصلو ڪرڻ واري قوت کي ڄڻ ته بريڪ لڳي ويا آهن. اها صورتحال ڪيئن پيدا ٿي آهي يا اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جا ذميوار ڪير آهن، تنهن بابت به هر ڪنهن وٽ ڪيترائي خيال ۽ رايا آهن پر اڃا تائين ڪو به قطعي جواب ڏيڻ واري پوزيشن ۾ نظر نه ٿو،

نواز شريف ڀلي اها دعويٰ ڪري ته هو ايندڙ چونڊن ۾ چارئي صوبا اليڪشن کٽي ڪامياب ٿيندو پر حقيقت هي آهي ته نواز شريف هاڻي سياست جي انهيءَ بند گهڻيءَ ۾ وڃي ڦاٿو آهي، جتان هن جو آجو ٿيڻ تمام مشڪل لڳي رهيو آهي. نواز شريف جيڪو سياسي طور هميشا مفاهمت ۽ رعايتن جو عادي بڻيل هو، هاڻي جڏهن قانون جي ڪاروائين جا پاسا هن طرف ٿيا آهن ته هو هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته هن خلاف انتقام ٿي رهيو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته اهو نواز شريف سياسي انتقام جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪو پوري زندگي انتقامي سياست جو حصو رهيو ۽ هن ننڍن صوبن کي انتقام جو نشانو بڻايو، جنهن جو وڏو ۾ وڏو ثبوت سنڌ ۽ بلوچستان آهي. هن پنهنجي هر سياسي دور ۾ سنڌ ۽ بلوچسستان کي نشانو بڻايو جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان محرومين جي انهيءَ باهه ۾ سڙيا جتي سنڌ ۽ بلوچستان جو ڪنهن به ساٿ نه ڏنو اڄ جڏهن نواز شريف محرومين جي باهه ۾ پچي رهيو آهي ته هو سڀ ڪنهن کي سڏ ڪري رهيو آهي ته منهنجو ساٿ ڏيو، اتي نواز شريف کي اهو ياد رکڻ گهرجي، اهو محسوس ڪرڻ گهرجي ته هميشا انتقام واري سياست جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي جيڪو ايم ڪيو ايم ۽ نواز شريف جو ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے