18 اربع , جولاءِ 2018

لنڊن ۾ خوفناڪ گينگ ڪلچر

تنوير زمان خان لنڊن

اڄ ڪلهه لنڊن جي گهٽين ۾ نوجوانن جي ٽولن ۾ قتل و غارت جي بازار تمام گهڻي گرم آهي، جنهن جي ڪري رڳو عملدار ئي نه پر عام  شهري به شديد عدم تحفظ جو شڪار آهي، گذريل ٽن مهينن ۾ سئو کان وڌيڪ نوجوان هڪ ٻئي جي گروهن هٿان قتل ٿي چڪا آهن. انگن اکرن جي حوالي سان جيتوڻيڪ هميشه سرڪاري انگن اکرن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، پر هن وقت لنڊن جا انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته اهڙي قسم جي وارداتن جي حوالي سان لنڊن، نيويارڪ کي به پٺ تي ڇڏي ويو آهي. لنڊن جا 32 بارڊرز  ڊسٽرڪش آهن، جڏهن ته گريٽر لنڊن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  ميٽرو پوليٽن  پوليس سٽي آف لنڊن پوليس ۽ ٽرانسپورٽ  پوليس استعمال ڪئي ويندي آهي.

تشدد جي وڌندڙ تازن واقعن ۾ حڪومت طرفان پوليس رعايتن ۽ ڀرتين کي گهٽائڻ کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي. گهرو کاتي طرفان ڪجهه ڳجهين رپورٽن ۽ دستاويزن جي ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ان خيال کي اڃا به گهڻي هٿي ملي آهي، جن ۾ پوليس جا خرچ گهٽائڻ، نيون ڀرتيون نه ڪرڻ ۽ گهٽين ۾ گهمندڙ پوليس جو تعداد گهٽائڻ کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي. گهرو سيڪريٽري اسبورڊ جيتوڻيڪ ان خيال جي بظاهر ترديد ڪئي آهي ۽ نئين حڪمت عمليءَ جو اعلان  به ڪيو آهي، جنهن کي تجزيا نگار موجوده بجيٽ ۾ رهندي ڪنهن بهتريءَ جي اميد نه ٿا سمجهن ۽ فنڊن ۾ ڪمي ۽ ڪٽوتي کي نظر ۾ رکندي ماڻهو سمجهن ٿا ته سندن سلامتي، عدم تحفظ ۽ خطرن جي ورچڙهيل آهي. اجهو ڪجهه مهينا اڳ ئي تيزاب اڇلائڻ جي واقعن ۾ شديد اضافو ٿيو هو، سوين ماڻهو   انهن واقعن جي لپيٽ ۾ آيا هئا.  پر هاڻي اهي واقعا گهٽيا آهن ته وري گينگ ڪلچر لنڊن  جي شهرين کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، والدين پنهنجي نوجوان ٻارن جي حوالي سان شديد پريشان آهن.  چاڪو ۽ بندوق جي سرعام استعمال، هٿين خالي  ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيئي سوال اٿاريا آهن. انهن  جي سببن تي مختلف حلقا مختلف راءِ ڏئي رهيا آهن.

قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا کي اهڙا واقعا وڌڻ جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، جتي اهڙن واقعن کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن سان انهن گروهن  جو من وڌي  ٿو،  منجهن هيرو  هئڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ اهي پنهنجي ڏوهه جي عمل کي فخر لائق سمجهن ٿا. اهو به چيو پيو وڃي ته انهن کي گينگسٽرز  چيو وڃي، ڇو جو اهي بنيادي طور گهٽين ۽ محلن جا ٽولا آهن، جيڪي مخصوص خانداني پس منظر جي ڪري ڏوهن ڏانهن اچن ٿا، اهڙن گروهن ۾ شامل اڪٽر ٻار والدين ۾ عليحدگي ڏسي چڪا  آهن ۽ ٻار پنهنجي ماءُ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ  نشي جي ڪاروبار يا چوري چڪاريءَ جي وارداتن ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا ۽ گينگز جي صورت ۾ منظم ٿين ٿا.

مختلف سروي ٻڌائن ٿا ته تازين وارداتن ۾ اهي گروهه مختلف پوسٽ ڪوڊ جي حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ ٻڌائن ٿا ۽ ٻئي پوسٽ ڪوڊ جي گينگ جي ميمبر کي پنهنجي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ ناهن ڏيندا، لنڊن جي مختلف  علائقن ۾ اڄڪلهه چوريءَ جون وارداتون  به عروج تي آهن، جن ۾ ڄاڻايل گينگز کان علاوه پيشيور چور به سرگرم  آهن ۽ پوليس جي نفري  گهٽ هئڻ سبب اهي واردات دوران ڪنهن قسم جو خوف محسوس نٿا ڪن، پوليس سان ڳنڍيل خطري جي گهنٽي لڳل گهرن ۾ به بنا ڪنهن خوف جي داخل ٿيو وڃن ٿا، ڇو جو کين خبر آهي ته پوليس جو تعداد ايترو گهٽ آهي جو انوقت واردات واري هنڌ پهچڻ لاءِ فورس ئي موجود ناهي.

پيشيور ٽولن کان هٽي ڪري گهٽ عمر جي جوانن جي گهٽين ۽  پاڙن وارن اهڙن تولن پٺيان خاندان ۽ والدين جي مالي غربت آهي، جيڪا انهن گهٽ عمر وارن نوجوانن کي پنهنجون جائز ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ڪري انهن ڪمن ڏانهن جهڪائي ٿي، ان کان علاوه گينگز ۾ داداگيري جو معاملو به آهي، پنهنجي طاقت ۽ اثر رسوخ کي مڃرائڻ جو معاملو به آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ لاءِ پيدا ٿيل ڏکي صورتحال!

شفيق الرحمان  شاڪر پوري ملڪ وانگر سنڌ ۾ به چونڊ سرگرميون عروج تي آهن.ڪراچي سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے