22 آچر , جولاءِ 2018

پوليس جي بربريت ڪيستائين…؟

منان چانڊيو

اڃا شھيد ڀٽوز جي اباڻي ماڳ لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو، جي لڳ ڪنگا ڳوٺ ۾ هڪ اوباش ۽ ٽرڙي ڇوڪري هٿان قتل ٿيل سٻاجهڙي فنڪارا ثمينا سنڌوءَ جي قبر جي مٽي ڪونه سڪي هئي ته، وري سنڌ سڀيتا جي اهم اھڃاڻ وادي مهراڻ جي ڪناري دنيا جي عظيم تھذيب موهين جي دڙي ڀرسان گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڳوٺ جي هڪ غريب ۽ ڳڀرو ڪاشف شاھ کي پوليس وارن تشدد ڪري ماري ڇڏيو. اها حقيقت آھي ته، ثمينا جو قاتل عام ۽ ڏوهاري ذهنيت جو ماڻهو آھي. جڏھن ته ڪاشف شاھ کي بيدرديءَ سان مارڻ وارا قانون جا رکوالا ۽ عوام جا محافظ آھن. جتي ڪومل جذبن ۽ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙي مٺڙي ۽ دلفريب آواز جي مالڪياڻي ثمينا سنڌوءَ جي قاتل کي پوليس بر وقت گرفتار ڪرڻ بدران، هن جي سازيندڙن کي کنڀي کڻي ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ ڪنگا پوليس لاڪپ ۾ واڙي ڇڏيو. اتي وري چند هزار رشوت جي پيسن ۾ دير ڪرڻ تي شھيد الاهي بخش سيال پوليس هڪ نائين ڪلاس جي شاگرد سيد زادا کي ڏنڊن، لتن، مڪن، رگهن ۽ سچپترن جو وسڪارو ڪندي، سندس ساھ جي تند ڇني بيجان جسم کي اسپتال ڇڏي ويا. اهو برابر آھي ته، ٻنهي قتلن يا ٿيل پاپ جو هڪ ٻئي سان تعلق ڪونه آھي. پر نوجواني، انساني ۽ مظلوميت جي ناتي مقتولن جي حساب سان هڪ جهڙائي رکن ٿا. ٻي ڳالھه ته ثمينا سنڌوءَ جي ڏکايل خانوند، جيجل امڙ توڙي ويجهن عزيزن جي ڳلن تان اڃان ڳوڙھن جون لارون لڙي رهيون آھن ته، علائقي جا هٿ ٺوڪيا ڀوتار ۽ چڱا مڙس ثمينا جي قتل کي خون خطا چئي سندس وارثن جا تڏا لتاڙڻ شروع ڪيا آھن ۽ اهڙي ريت سيد ڪاشف علي شاھ جي بي گناھ وهايل رت کي رائگان ڪرڻ لاءِ پاپي پوليس خودڪشيءَ جو رنگ ڏئي رهي آھي. سيد ڪاشف جي قتل بابت شروعاتي خبرن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته، رئيس وڏي جي دلي دوست سهيل انور سيال جي ڳوٺ مان هڪ دڪاندار جي مبينا چوري ٿي وئي. ان چوري جي الزام تحت سهيل انور سيال جي ويجهي مائٽ شھيد الاهي بخش سيال جي نالي سان قائم ٿيل تازي پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او پنهنجي سپاھ سميت چوريءَ ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي مقتول ڪاشف ۽ سندس ڀاءُ رميز کي گهران گرفتار ڪري ٿاڻي تي آڻي رميز کي ان شرط تي آزاد ڪيو ته، هو پنهنجي ڀاءُ جي آزاديءَ  ۽ جان بخشڻ لاءِ ويھه هزار پوليس خرچي کڻي اچي. جيڪا رقم وقت سر پوليس تائين ڪونه پهتي. نتيجي ۾  مستقبل جو معمار وقت جي چنگيزين، تاتارين، نازين ارغونن ۽ احمد شاھ ابدالين جي ظلمتن جو شڪار ٿي ويو.

ڪيڏي نه ستم ظريفي، ناانصافي ۽ حيرت ۾ وجنهدڙ ڳالھه آهي ته، ڪتي جهڙي جانور پاران مبينا چورن جا پيرا کڻي ڪاشف شاھ جي گهر ۾ ويهي رهڻ جي واهيات ۽ يقين ۾ نه ايندڙ ۽ پاڳل پڻي جي ثبوت جي آڌار تي هڪ امڙ جي جهولي خالي ڪئي وئي. هتي سنڌين سان وڏو ويل اهو به آھي ته، هڪ طرف وفاق ۽ اصل حاڪمن جي ڏڍ تي پنجاب واسي سنڌي قوم جي قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري رهيا آھن. ته وري ٻئي پاسي پنجابين جا ڪتا به پيرا کڻڻ جي ڳري رقم وٺڻ کان علاوه سنڌ واسين ۾ جهڳڙا ڪرائي پوليس هٿاران ماڻهو مارائي رهيا آھن. اسان سنڌي به اهڙا ته وهم جا وڪوڙيل آھيون، جو ٿوري گهڻي چوري چڪاري تي هزارين رپيا ڏئي خوجي ڪتا گهرائي پنهنجا کيسا خالي ڪرائيندي ڪتن تي پڪو ويساھ ڪندي هڪ ٻئي سان ڪاتئين ڪهاڙئين پئجي وڃون. پڙھندڙن کي اهو ٻڌائيندا هلون ته، اڄ کان ڪيترائي سال اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ خوجي ڪتن جي پيرا کڻڻ واري احمقاڻي حرڪت تي پابندي وجهي ڇڏي هئي. پر پوءِ به اسين ۽ پوليس ڳنڍ ٻڌيون ويٺا آھيون ته، ڪتا سچا آھن. پڙھندڙن کي اهو ته پڻ ٻڌائيندا هلون ته، ڪجھه سال اڳ منهنجا سڳا سئوٽ ان وقت ميروخان تعلقي جي هڪ ڳوٺ ٺوڦ چوسول ۾ هارپو ڪرڻ لاءِ ويٺل هئا. اتفاق سان هڪ رات ڀر واري ڳوٺ مان هڪ ڀاڳئي جي ڳئون چوري ٿي وئي. ان جا پيرا خوجي ڪتن ذريعي کڻايا ويا پيرا کڻندي کڻندي ٽاڪ منجهند ٿي وئي. مزي جي ڳالھه ته آگسٽ مهينو هيو ان ڪري ڪتو گرمي کان بيحال ٿي منهنجي مائٽن جي ڪکائين اوطاق ۾ اچي کٽ جي هيٺان ويهي رهيو. مان ايمانداري سان سئو سيڪڙو سچي ڳالھه ڪيان ٿو ته، ڳئون جي چوري ۾ ڄاڻايل ڳوٺاڻا ملوث ڪونه هئا. چوڻ جو مطلب ته خوجي ڪتن جا کنيل پيرا اڪثر ڪري غلط هوندا آھن.

پاڻ ڳالھه ڪري رهيا آھيون، تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ فريد آباد سان تعلق رکندڙ پوليس جي بربريت جي ور چڙھيل ڪاشف شاھ جي المناڪ موت جي ته، هي سٽون لکڻ وقت قاضي غفار پبلڪ لائبريري ۾ موسان گڏ ٻه نوجوان پوليس وارا ويٺا آھن. عجيب اتفاق جي ڳالھه ته پوليس وارا هميشه جوئا جي ٽڪرين، منشيات جي اڏن، وياج خورن جي اوطاقن ۽ ڪڪڙن جي ميلن تي وڃي انهن کان منٿلي وٺي پنهنجي ڪميشن ڪٽي باقي رقم وڏي صاحب وٽ پهچائيندا آھن، پر هي پوليس وارا لکيا پڙھيا هئڻ سان گڏ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل آھن. جيڪي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ ڪجھه وقت لاءِ لائبريري ۾ اچي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪندا آھن. انهن ڪيتريون ئي پوليس جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جن مان پتو پوي ٿو ته، پوليس نانگ مان نوڙي ۽ نوڙي مان نانگ ڪيئن بنائيندي آھي. چورن سان چاهت ۽ ساڌن سان ساڙ رکندي آھي. مقصد ته سڀ پوليس وارا ڪاريون رڍون ڪونه هوندا آھن ۽ ڪيترن ۾ ته ماڻھپو به هوندو آھي.

بهر حال ڪاشف شاھ جي موت کان پوءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي واسطيدار پوليس وارن کي معطل ڪري ڇڏيو آھي ۽ اهيو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته، سهيل انور سيال جي ذات ڀائين جن جي دڪان مان مبينا چوري ٿي آھي ۽ جن جي چوڻ تي ڪاشف شاھ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ پوليس وارن جي رهزني جي ور چڙھي ويو. انهن دڪاندارن کي پوليس ايس ايس پي جي چوڻ تي گرفتار ڪيو آھي ۽ سڄي واقعي لاءِ پوليس آفيسرن تي مشتمل هڪ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي. اها ڪميٽي ڪڏھن ۽ ڪهڙي رپورٽ پيش ڪندي. ان جي شفافيت کان سنڌ واسي بخوبي واقف آھن. ٻئي ڳالھه ته هي ڪو پهريون پوليس جو ڪيل قيس ۽ ڪلور ڪونه آھي. پر ان کان پهريان به ڪيترائي بي گناھ ماڻهو پوليس هٿاران مارجي چڪا آھن. مثال طور تي ٽي سال کن اڳ لعلو رائنڪ شھر جي هڪ گهر تي ايس ايڇ او چڙهائي ڪري دوڪاندار اتحاد جي صدر منظور سولنگي جي ستر سالا ٻڍڙي لڇمان خاتون  ۽ نوجوان ڀاءُ چاڪر کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏڻ کان پوءِ هن چيو ته، هو ڏوهارين جي گرفتاريءَ لاءِ ڄاڻايل گهر تي چڙھائي ڪئي ته، ان گهر ۾ لڪل جوابدارن پوليس پارٽي تي گوليون هلايون. سندن ئي گولين جو کاڄ مسمات لڇمان خاتون ۽ چاڪر سولنگي ٿي ويا. اهڙي سنگين واقعي کان پوءِ لعلو واسين مهينن جا مهينا بي گناھ مارجي ويلن جي خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. اهڙي تحريڪ کان پوءِ آخرڪار قاتل پوليس اهلڪارن تي قتل جو باقائده ڪيس داخل ٿي ويو آھي ۽ هو هن وقت ضمانت هئڻ ڪري ڏاڍي آرام ۽ دٻدٻي سان پنهنجن ڊيوٽن تي برقرار هوندي ڪورٽ جون ٺهليون حاضريون ڀري رهيا آھن. جيستائين سوال آھي ڪاشف شاھ جي بي گناھ وهايل رت جو ته، ماضيءَ جي تلخ حقيقتن ۽ تجربن مان معلوم ٿئي ٿو ته پوليس اسٽيشن  الاهي بخش سيال جي ايس ايڇ او ۽ سندس ماتحت سپاھ جو وار به ونگو ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف گهرو وزير سهيل انور سيال جي ويجهي مائٽ جي نالي سان ٺھيل پوليس اسٽيشن آھي. ان ڪري ان نئين پوليس ٿاڻي جو انچارج به يقينن سيال صاحب جو رکايل هوندو. ٻئي طرف جن دڪانن کي مبينا کاٽ لڳو آھي. انهن جا مالڪ به سيال صاحب جي ذات وارا آھن. عام چوڻي آھي ته، ذات ڪانون کي به پياري ٿيندي آھي. ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته ڪاشف شاھ جا وارث به وزير موصوف جي ڳوٺ جا رهندڙ سيد فقير آھن. اهي به پنهنجي ڳوٺاڻن پوليس وارن سان ڪونه فٽائيندا. اھڙين حقيقتن کان سواءِ اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته، چانڊڪا هاسپيٽل جا ڊاڪٽر صاحبان وزير صاحب جو خيال رکندي ڪاشف شاھ جي موت کي خودڪشي ڪرڻ وارو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے