24 سومر , سيپٽمبر 2018

اداڪار بڻجڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي: سڌارٿ ملهوترا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سڌارٿ ملهوترا چيو آهي ته منهنجي زندگي گلن جي سيج نه هئي، مان ممبئي اچڻ کانپوءِ اداڪار بڻجڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. پنهنجي تازي بيان ۾ سڌارٿ ملهوترا جو چوڻ هو ته ممبئي اچڻ کانپوءِ اداڪار بڻجڻ لاءِ مون کي وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن مان سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ سوچيو. هن چيو ته بهتر مستقبل ۽ ڪيل واعدن تي پورو لهڻ لاءِ مان پنهنجي ارادن تي قائم رهيس ۽ محنت سان اهو مقام حاصل ڪيو، جتي اڄ پهتل آهيان. واضح رهي ته 33 ورهين جي سڌارٿ ملهوترا فلم ”اسٽوڊنٽس آف دي ايئر“ ذريعي بالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جيڪا باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿي هئي، جڏهن ته سڌارٿ ملهوترا ”ايڪ ولن، برادر، ڪپور اينڊ سنز، بار بار ديکو ۽ اي جينٽلمين“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے