23 سومر , جولاءِ 2018

فاٽا تائين عدالتي دائرو وڌائڻ وارو سينيٽ مان پاس ٿيل بل مينهن جو پهريون ڦڙو آهي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته فاٽا تائين عدالتي دائرو وڌائڻ وارو سينيٽ مان پاس ٿيل بل مينهن جو پهريون ڦڙو آهي، بل جي منظوري سان قبائلي عوا جي حقن جي بحالي جو رستو کلي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سراج الحق چيو ته اهڙي قسمن جي قدمن سان قبائلي عوام کي فائدو پهچندو، ان ۾ محرومين کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آئون مطالبو ٿو ڪيان ته فاٽا جي قبائلين کي اين ايف سي ايوارڊن مان ٽي سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان جي سياسي صورتحال تي تبصرو ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو وقت جي ضرورت آهي.  رڳو نواز شريف جي نااهلي سان ڪرپشن جو ناسور ختم نه ٿيندو، پاناما ليڪس جي 436 ڪردارن جو به احساب ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن جو سال آهي، پر عوام چونڊن بابت شڪ شبهن جو اظهار پيو ڪري.  بروقت اليڪشن وقت جي تقاضا آهي ۽ ملي مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے