23 سومر , جولاءِ 2018

اميد آهي ته مصطفيٰ ڪمال به ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيارڪندو: فاروق ستار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيو آهي اُهي سڀ واپس ايندا، مون کي اُميد آهي ته مصطفيٰ ڪمال پاڻ به ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيارڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.  فاروق ستار جو چوڻ هو ته منهنجي پارٽي مان نڪري ماڻهن ٻين پارٽين ۾ شموليت اختيار ڪئي پر اسان پارٽي ڇڏي ويندڙن کي ڪڏهن به اهو نه چيو ته هو گند آهن. ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته سٺي ٿئي ها ته ناراض ٿيل ذميوار ۽ اڳواڻ چپ ڪري ويهي رهن ها، ايم ڪيو ايم جي خلاف ماضي ۾ وڏيون سازشون ٿيون، اسان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ وارو منصوبو هميشه جي لاءِ ناڪام بڻائينداسين، اسان جو ووٽ بينڪ شعور رکي ٿو ان ۾ سياسي واڌ ويجهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے