27 جمعہ , اپریل 2018

خواجا آصف نااهلي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، يو اي اِي جي ڪمپني جو نمائندو شاهدي ڏيڻ تي راضي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي وئي، مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ جي مٿي تي نااهلي جي تلوار لڙڪڻ لڳي. تفصيل موجب پرڏيهي وزير خواجا آصف نااهلي ڪيس ۾ يو اي اِي ڪمپني جي نمائندي خواجا آصف جي نوڪري ۽ معاهدي تي شاهدي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب يو اي اِسي ڪمپني جي نمائندي جو چوڻ آهي ته خواجا آصف ڪمپني جو ملازم آهي، پر معاهدي جي تحت ڪمپني ۾ سندس فل ٽائم حاضري ضروري ناهي، خواجا آصف سان ڪنهن به معاملي تي تجويزون فون يا سندس دبئي دوري دوران ورتيون وينديون آهن. ٻئي پاسي خواجا آصف عدالت ۾ اضافي دستاويز جمع ڪرايا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے