27 جمعہ , اپریل 2018

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سعودي فرمانروا شاهه سلمان سان ملاقات

دمام(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سعودي فرمانروا شاهه سلمان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اهم ٻطرفن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات فوجي مشقن گلف شيلڊ ون جي پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي ٿي. گڏيل فوجي مشق گلف شيلڊ ون دمام ۾ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ 24 ملڪن جي فوجي جٿن حصو ورتو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پاڪستان جو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، بچاءَ واري وزير خرم دستگير ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير  حشام بن صديق به موجود هئا. سعودي عرب ۾ گڏيل مشق گلف شيلڊ ون جي پڄاڻي واري تقريب دمام ۾ ٿي، مشقن ۾ پاڪستان، متحده عرم امارات، مصر، ترڪي، آمريڪا، برطانيا سميت 24 ملڪن جي فوجي جٿن شرڪت ڪئي. انهن مشقن جو مقصد علائقائي ملڪن جي وچ ۾ فوجي ۽ سيڪيورٽي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ هو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي گذريل ڏينهن دمام پهتو. پاڪ فوج جا جٿا، هوائي فوج جا سي- 130 جهاز، جي ايف 17 ٿنڊر ويڙهاڪ جهاز، سامونڊي فوج جي جهازن ۽ اسپيشل سروسز گروپ جي ڪمانڊروز انهن مشقن ۾ حصو ورتو. انهن مشقن کي مختلف ملڪن جي فوجي جٿن، هٿيارن جي نظام ۽ پيشيوراڻي مهارن جي اعتبار سان خطي جي اهم ترين فوجي مشق چيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے