17 اڱارو , جولاءِ 2018

عمران خان ڪڏهن يونين ڪائونسل ئي ناهي هلائي ته پوءِ ملڪ ڪيئن هلائيندو: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان هن وقت تائين يونين ڪائونسل ناهي هلائي، هو ملڪ ڪيئن هلائيندو. تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ پنهنجي مخالف تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان وٽ يونين ڪائونسل هلائڻ جو تجربو ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ عمران خان کان وڌيڪ موزون ۽ تجربي ڪار پرويز خٽڪ آهي، گهٽ ۾ گهٽ پرويز خٽڪ وٽ وزارت اعليٰ هلائڻ جو تجربو ته آهي، عمران خان ان کان به محروم آهي. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ سال جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 2 هزار ارب کان وڌيڪ هوندي، ملڪ ترقي جي ترستي گامزن آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 5.8 سيڪڙو گروٿ ريٽ حاصل ڪيو، جيڪا 13 سالن ۾ بلند ترين آهي، ايندڙ سال جي لاءِ جي ڊي پي گروٿ جو ٽارگيٽ 6.2 سيڪڙو رکنداسين. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ توانائي انفرااسٽريڪچر، هائير ايجوڪيشن کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے