17 اڱارو , جولاءِ 2018

پي ايس او رهتون ادا نه ڪرڻ تي پي آءِ اي کي تيل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رهتن جي عدم ادائيگي تي پاڪستان اسٽيٽ آئل ( پي ايس او) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) کي تيل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. تيل جي عدم فراهمي جي ڪري ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام رواني نه ٿي سگهي. پي ايس او جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 366 کي فيول جي سپلاءِ روڪي وئي آهي، اڏام کي شام 5 وڳي روانو ٿيڻو هو پر تيل جي قلت جي ڪري رواني نه ٿي سگهي، تيلجي سپلاءِ بحال نه ٿي ته وڌيڪ اڏامن ۾ دير جو خدشو آهي. پي ايس او موجب پي آءِ اي 7 ڏينهن کان روزاني جي بنياد تي ادائيگيون به ناهن ڪيون ۽ ادائيگين ۾ دير جي ڪري تيل نٿو ڏئي سگهجي. پي ايس او موجب پي آءِ انتظاميا رهتن جي ادائيگي جو فوري بندوبست ڪري، مسافرن جي سهولتن کي نظر ۾ رکندي فلائٽس کي فيول سپلاءِ ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب پي آءِ اي مٿان پي ايس او جا 15.2 ارب رپيا قرض آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے