18 اربع , جولاءِ 2018

نواز شريف ۽ شهباز شريف ۾ اهم ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، چوڌري نثار جي خدشن ۽ عدالتي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون ويون. جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪي سياس صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اڳوڻي وزير اعظم کي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي خدشن بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ اڄوڪي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ اليڪشن 2018ع جي حوالي سان رابطا مهم تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب شهباز شريف ٻڌايو ته عوامي ترقي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ۽ اڳتي لاءِ به اهو سفر جاري رهندو. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هلڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايم اي جناح روڊ تي جلسي جي درخواست رد، بلاول هاڻ شهر جو دورو ڪندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳوڻ سعيد غني چيو آهي ته 20 جولاءِ تي ايم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے