27 جمعہ , اپریل 2018

جسٽس اعجازالاحسن جي گهر تي حملو ڪنهن سازش جو حصو آهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته جسٽس اعجازالاحسن جي گهر تي حملو ڪنهن سازش جو حصو آهي، ڪير وڏي افرا تفريح ڦهلائڻ چاهي ٿو، عدالتن خلاف ائين ڳالهائڻ سٺي روايت نه آهي. سينيٽر مولا بخش چانڊئي قاسم آباد ۾ خانگي اسڪول جي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميان نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته  ميان صاحب ائين عدالتن جي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ سٺو نه آهي. اهڙي ماحول ۾ جسٽس اعجازالاحسن جي گهر تي حملو ٿيڻ واري معمالي تي به آڱريون ميان صاحب طرف کڄي رهيو آهن، پنجاب حڪومت ذميوار آهي، جاچ ڪري. هن وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان سنڌ ۾ زيرو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ سڀني مخالفن کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئين ٿي ڪلين سوئيپ ڪري ۽ مخالف پنهنجي شڪست ڏسندي آصف علي زرداري خلاف ڪريل لهجو استعمال ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے