18 اربع , جولاءِ 2018

سمورا ڦورو گڏجي ادارن تي حملا ڪري رهيا آهن: عمران خان

مردان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ جا سمورا ڦورو گڏ ٿي ويا ۽ ادارن تي حملا ڪري رهيا آهن. مردان ۾ جلسي کي خطاب ۾ عمران خان مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته فضل الرحمان جي هوندي ڪنهن ٻئي کي سازش ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هو پرويز مشرف، زرداري ۽ نواز شريف سميت سڀني سان گڏ آهي،  جيڪو به اقتدار ۾ ايندو آهي مولانا فضل الرحمان سان گڏ فٽ ٿي ويندو آهي پر هو مون سان گڏ بيهي نه سگهندو. هن چيو ته ملڪ جا سمورا ڦوورو گڏ ٿي ويا آهن، اهي ڦورو ادارن تي حملا ڪري رهيا آهن، اهي عوام جو پيسو چوري ڪري ٻاهر کڻي وڃي رهيا آهن، اهي ماڻهو پاناما جي آءِ ٽي ميمبرن جي پٺيان پئجي ويا آهن پر واجد ضياءَ سان قوم گڏ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج جي گهر تي گوليون هلايون ويون، قوم پنهنجي عدليه ۽ انصاف سان گڏ بيٺي آهي، سڄي قوم خوش آهي ته اسان جي عدليه طاقتور وزير اعظم کي انصاف جي ڪٺهڙي ۾ بيهاريو آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي جا ڪجهه ماڻهن ضمير کي کپايو، هاڻ انهن کي پارٽي مان ڪڍنداسين، ضمير فروشن کي تحريڪ انصاف ۾ ئي نه رکنداسين، اسان جي 14 يا 17 ايم پي ايز ضمير وڪڻيو، انهن کي پارٽي مان ڪڍنداسين. عمران خان چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزير اعظم بڻيو آهي ۽ چار ڀيرا نااهل ٿيو، پوءِ به پڇن ٿا ته مون کي ڇو ڪڍيو.  هن وڌيڪ چيو ته قبائلي علائقن جي ماڻهن جي مسئلن جو حل فاٽا جو خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ آهي، جيڪڏهن فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه جو انضمام ٿيو ته اسان فاٽا ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي سگهنداسين، فضل الرحمان ۽ اچڪزئي پي ٽي آءِ جي خوف کان فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه جو انضمام نه ٿيڻ ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

We will not make a part of the tax till the decision of the transit transfer is decided: Nawaz Sharif

ٽرائل منتقلي واري درخواست تي فيصلو اچڻ تائين ڪاروائي جو حصو نه بڻجنداسين:نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ناوز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ ريفرنس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے