18 اربع , جولاءِ 2018

چيف جسٽس ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار پنجاب حڪومت طرفان ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ وارو واقعو پيش آيو جنهن بعد پنجاب حڪومت ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جي پڌرائي موجب پنجاب حڪومت طرفان ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي جنهن کي چيف جسٽس آف پاڪستان رد ڪري ڇڏيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ججن کي معمول جي سيڪيورٽي کان سواءِ وڌيڪ سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي پر عام شهرين جي حفاظت جي لاءِ امن امان ۾ بهتري آندي وڃي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ججن کي واڌو سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام پنهنجي طاقت اسلام ۽ شريعت لاءِ استعمال ڪري: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هاڻ حڪومتون توپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے