18 اربع , جولاءِ 2018

نوشهره ۾ 2 عورتن سميت 3 شاگردياڻيون درياهه ۾ ٻڏي فوت

نوشهره(ويب ڊيسڪ) ڪابل درياهه جي تفريحي ماڳ ڪنڊ پارڪ ۾ پڪنڪ ملهائيندي 2 عورتن سميت 3 شاگردياڻيون ٻڏي فوت ٿي ويون. تفصيل موجب اباسين يونيورسٽي پشاور جون شاگرديانيون نوشهري ۾ ڪابل درياهه جي ڪناري تفريحي مقام ڪنڊ پارڪ ۾ پڪنڪ ملهائي رهيون هيون ته هڪ شاگردياڻي جو پٿر تان پير ترڪي پيو، پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ان ٻي شاگردياڻي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساڻس گڏ وڌيڪ ٻه شاگردياڻيون درياهه ۾ ڪري پيون.  واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو جو عملو واقعي واري هنڌ پهتو. جتي هنن ٻن شاگردياڻين جا لاش ڪڍيا جڏهن ته هڪ شاگردياڻي جي ڳولها جاري آهي. ريسڪيو موجب فوت ٿيلن عورتن جي سڃاڻپ نائلا ۽ نوري جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته گم ٿيلن جو نالو نور آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

We will not make a part of the tax till the decision of the transit transfer is decided: Nawaz Sharif

ٽرائل منتقلي واري درخواست تي فيصلو اچڻ تائين ڪاروائي جو حصو نه بڻجنداسين:نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ناوز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ ريفرنس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے