18 اربع , جولاءِ 2018

يونس خان رهڻ لاءِ ڪمرو نه ملڻ تي احتجاجن اين سي اي ڪوچنگ ڪورس ڇڏي هليو ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪمرو نه ملڻ تي احتجاجن ڪوچن ڪورس ڇڏي هليو ويو. يونس خان ڪوچنگ ڪورس جي لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي پهتو جتي کيس ڪنهن ٻئي جي ڪمري ۾ رهڻ جو چيو ويو جنهن تي هو سخت ناراض ٿي پيو ۽ هڪ ويڊيو پيغام سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو. يونس خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اين سي اي طرفان ليول ٿري ڪوچنگ ڪورس جي لاءِ اي ميل آئي جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ لاهور آيس پر هتي منهنجي لاءِ ڪمرو به موجود ناهي.  يونس خان چيو ته ڪنهن سينيئر آفيشل جو ڪمرو ڏنو ويو آهي پر ڪنهن ٻئي جو ڪمرو استعمال نٿو ڪري سگهان.  ٻئي پاسي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس خان کي سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ليول 3 ڪورس جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سندس هڪ ڏينهن پهرين ئي اچڻ سبب ڪجهه مسئلو ٿيو آهي. اين سي اي جي ذريعن موجب اڳوڻي ڪپتان کان ڪوچنگ ڪورس جي ڪا به فيس ناهي ورتي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The annual meeting of PCB under the chairmanship of Najam Sethi, the possibility of approval of important decision-makers

نجم سيٺي جي صدارت هيٺ پي سي بي جو ساليانو اجلاس، اهم فيصلن جي  منظوري جو امڪان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جي صدارت هيٺ بورڊ جي ساليانو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے