22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مردان:گهر ۾ جنريٽر جي گيس ڀرجڻ سبب 2 ڄڻا فوت

مردان(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي علائقي مردان ۾ گهر ۾ جنريٽر جي گيس ڀرجڻ جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مردان ۾ هڪ گهر اندر ڪمري ۾ جنريٽر جو گيس ڀرجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 22 ورهين جو مهراڻ ۽ 70 ورهين جو سيد عبدالوهاب فوت ٿي ويا. اطلاع تي رضاڪارن ۽ ميڊيڪل ٽيم پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش مردان ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيا. ميڊيڪل ٽيم موجب، جنريٽر جي گيس سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري ٻئي ڄڻا فوت ٿيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے