22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته وسيلن جي برابر ورڇ لاءِ پنجاب جي تقسيم ضروري آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا مقامي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته وسيلن جي برابر ورڇ لاءِ پنجاب جي تقسيم ضروري آهي، پنجاب ۾ پنهنجي مفاد خاطر نوان صوبا نه ٺاهيا ويا. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نوان صوبا نه ٺهڻ سان پنجاب جو محروم طبقو حڪمرانن جو محتاج آهي، درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته پنجاب کي ٽن صوبن بهاولپور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ تقسيم ڪيو وڃي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے