22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي عدالت تاريخي مڪه مسجد ڌماڪي ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر حيدرآباد جي تاريخي مڪه مسجد ڌماڪي ڪيس جي سمورن هندو انتهاپسند جوابدارن کي عدالت ناڪافي ثبوتن تحت آزاد ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي خاص عدالت مئي 2007ع ۾ جمعي جي نماز دوران مڪه مسجد ڌماڪي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نامزد 5 جوابدارن کي بري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 58 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جوابدارن جي خلاف خاص ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا ۽ ناڪافي ثبوتن تي کين آزاد ڪيو پيو وڃي.  مسجد ڌماڪي جي ڪيس ۾ هندو انتها پسند تنظيم جي اڳواڻ سوامي آسيمانند نباڪمار سرڪار، دودنرا گپتا، لوڪيش شرما، ڀارت موهن لعل رتيشور ۽ رجندر چوڌري نامزد هئا. عدالتي فيصلي کان پوءِ جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته عدالتي ڪمري جي ٻاهران موجود متاثر خاندانن جي ماڻهن فيصلي تي سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. رحمت علي نالي شخص سوال ڪيو ته سندس ڀائرن کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ ڇا ڪڏهن سچ ٻڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے