22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف، مريم ۽ وزير اعظم جون عدليه خلاف تقريرون نشر ڪرڻ تي عبوري پابندي لاڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين 16 ليگي اڳواڻن جون عدليه مخالف تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين 16 ليگي اڳواڻن جي خلاف توهين عدالت جون 24 کان وڌيڪ درخواستون داخل ڪيون ويون. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڄاڻايل شخصيتون پاناما ڪيس سميت ٻين ڪيسن ۾ عدليه مخالف تقريرون ڪري رهيون آهن ۽ ججن کي سڌو سنئون نشانو بڻايو پيو وڃي، اِهي تقريرون نشر ڪيون پيون وڃن جيڪا توهين عدالت آهي. درخواستگذارن انهن تقريرن جي بنياد تي نواز شريف سميت ٻين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي اپيل ڪئي هئي جڏهن ته درخواست ۾ اها به اپيل ڪئي وئي هئي ته پيمرا کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي تي ٻڌل ٽي رڪني فل بينچ انهن درخواستن تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ پيمرا کي 15 ڏينهن ۾ انهن درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پيمرا 15 ڏينهن ۾ پاڻ فيصلو ڪري ته انهن کي تقريرون نشر ڪرڻيون آهن يا نه، جڏهن ته ان امر کي به يقيني بڻايو ته 15 ڏينهن دوران توهين عدالت تي ٻڌل ڪو مواد ٽي وي چينلن تي نشر نه ٿئي. عدالت پيمرا کي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ نواز شريف مريم نواز ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جي عدليه مخالف تقرير نشر ڪرڻ تي عبوري پابندي به لڳائي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے