18 اربع , جولاءِ 2018

چين ”فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالوجي“ جي مدد سان چورن کي پڪڙڻ لڳو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ڪامياب آزمائش کان پوءِ هاڻي جديد ڪيمرائون جي مدد سان چورن کي پڪڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته چورن ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ واري ماڻهون جي  گرفتاري عمل ۾ آڻڻ لاءِ چين ۾ ”فيشل ريڪگنيشن“ ٽيڪنالوجي(منهن جي سڃاڻپ ڪرڻ واري) متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. چين جي شهر نانچنگ جيانگشي ۾” فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالوجي سان ليس ڪيمرائون جي مدد ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪرڻ واري هڪ چور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 60 هزار ماڻهو جي ميڙ ۾ جڏهن ته هن کي حراست ۾ ورتو ويو ته هو پاڻ هڪو ٻڪو رهجي ويو. فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالوجي سان ليس ڪيمرائون ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي استعمال ڪيو ويو آهي جيڪا منهن کي اسڪين ڪري ان جي سڃاڻپ ۽ جي ذاتي ڄاڻ فراهم ڪري رهي آهي. ڪانسرٽ دوران گرفتار ڪيل 31 سالن جي آئونامي شخص جو تعلق چين جي شهر زانگشو سان هو جيڪو پاپ ڪنسرٽ ڏسڻ لاءِ اسٽيديم آيو هو. چين فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ ۾ دنيا جو ليڊر مڃيو ويندو آهي جتي 170 ملين سي سي ٽي ڪيميرائون لڳل آهن. جنهن ۾ فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالوجي شامل ڪئي پئي وڃي. مڪمل طور تي ايندڙ 3 سالن ۾ وڌيڪ 400 ملين نئون ڪيمرائون لڳايون وينديون جنهن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ڪندي فيشل ريڪنگنيشن فيچر استعمال ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل مهيني چين جي شهر شاندونگ جي ٽريفڪ پوليس اختيارين لاپرواهي سان هلڻ واري ماڻهن لاءِ به فيشل ريڪگنيشن ڪيمرا جي استعمال ۽ هر جاءِ اسڪرين لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Planting water providers is a robot robot

ٻوٽن کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو سورج مکي روبوٽ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙو سورج مکي روبوٽ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جيڪو سج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے