22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

شراب جو معمولي مقدار به زندگي جا ڏينهن گهٽ ڪندو آهي: ماهر

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ ڪيل تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته شراب جو معمولي مقدار به انساني زندگي جان ڏينهن گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. امريڪي تحقيق موجب هڪ هفتي ۾ پنج کان ڏهه شراب جا پيڪ پيئڻ وارن ماڻهن جي زندگي جا 6 مهينا، 10 کان 15 پيڪ پيئڻ وارن جا 2 سال ۽ 18 کان وڌيڪ پيڪ پيئڻ وارن ماڻهن جي زندگي جا 5 سال گهٽ ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر انجيلا ووڊ پنهنجي تحقيق ۾ روشني ڏيندي آگاهه ڪيو آهي ته روزانو جي بنياد تي الڪوحل پيئڻ وارن ماڻهو جئين شراب جي مقدار ۾ اضافو ڪندا آهن اهڙي طرح ائين انهن جي زندگي جا سال مختصر ٿي ويندا آهن، ان ڳالهه جو انڪشاف هن 19 ملڪن جي شراب نوشي ۾ مبتلا 6 لک ماڻهن تي ڪيل جاچ مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي بنياد تي ڪيو آهي. ڊاڪٽر انجيلا شراب نوشي جي عادتون ۽ ان جي زندگي تي پوندڙ اثرن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته هڪ هفتي ۾ 14 يونٽ کان وڌيڪ شراب نوشي صحت تباهه ڪرڻ لاءِ  ڪافي هئي، جيڪا هفتي ۾ 8 ڊرنڪس جي برابر هوندي آهي. جئين ته شراب جو عادي پيڪ جو انگ وڌائيندا آهن ائين ان جي تباهي ۾ به اضافو ٿيندو آهي. هن چيو ته شراب جا 14 کان گهٽ يونٽ پيئڻ وارن ۾ شگر، فشار رت ۽ دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو آهي. ان لاءِ سٺو آهي ته جيترو ٿي سگهي ماڻهو شراب نوشي کان پري رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے