18 اربع , جولاءِ 2018

ٽرمپ اخلاقي طور تي صدارتي عهدي لاءِ نااهل آهي: ايف بي آءِ جو اڳوڻو سربراهه

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايف بي آءِ جي اڳوڻي سربراهه جميز ڪومي لفظي جنگ شددت اختيار ڪري وئي .هڪ پاسي جيمز ڪومي چيو آهي آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ اخلاقي طور تي صدارتي عهدي جون ذميواريون نڀائڻ جي اهل ناهي، ٻئي پاسي واري ڊونلڊ ٽرمپ جيمز ڪومي کي ايف بي آءِ جي تاريخ جو بدترين سربراهه قرار ڏنو آهي.آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ جيمز ڪومي ڇيو ته ٽرمپ ڪوڙ جو عادي، عورتن جي بعزتي ڪندڙ ۽ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ شخص لاءِ هڪ داغ آهي.جيمز ڪومي چيو ته هو هن ڳالهه تي يقين ناهي رکندو ته ڊونلڊ ٽرمپ وساري جي بيماري جي شروعاتي عمل مان گذري رهيو آهي ياذهني طور تي نااهل آهي جيڪو شخص ٻين تي ڇتي نظر هر ڳالهه جو حساب ڪتاب رکندڙ هجي اهو ڪنهن به معمولي ذهنيت جو مالڪ نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته هن جو خيال ۾ ٽرمپ اخلاقي طور صدارتي عهدي لاءِ نااهل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ۾ پاڪستاني شهري کي ماريندڙ 5 ڄڻن جون سِسيون ڌَر کان ڌار ڪيون ويون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي گودام ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے