27 جمعہ , اپریل 2018

لاڙڪاڻي پوليس ۾ رائو انوار جو روح، نائين درجي جو شاگرد رشوت نه ملڻ تي تشدد ڪري قتل

خيرمحمد آريجا/ لاڙڪاڻو(رپورٽ : مرتضيٰ ڪلهوڙو/ سيد عطا محمد شاهه)   خيرمحمد آريجا لڳ شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس چوري الزام هيٺ گرفتار ڪيل 16 ورهين جي نوجوان کي مبينا تشدد ڪري ماري ڇڏيو ، وارثن جوپوليس خلاف سخت احتجاج، باقراڻي تعلقي جي نئين قائم ٿيل ٿاڻي شهيد الاهي بخش سيال جي حد ڳوٺ فريد آباد مان دوڪاندار عبدالغفار سيال ۽ عبدالجبار سيال جي دڪان کي نامعلوم چور کاٽ هڻي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا هيا ، اهڙي واقعي بعد شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس جي نگراني ۾ جوابدارن جا پيرا کنيا ويا ، جيڪي فريد آباد واسي سيد عبدالحفيظ شاهه جي گهر ۾ هنيا ويا جتان پوليس سندس 16 ورهين جي پٽ سيد ڪاشف شاهه ۽ 12 ورهين جي نينگر سيد رميز شاهه کي کنڀي کڻي وڃي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو جتي پوليس نوجوان سيد ڪاشف شاهه کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، اهڙي واقعي بعد پوليس تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان سيد ڪاشف شاهه جا وارث حبيب الله شاهه ، سيد فريد شاهه  ۽ ٻيا ٿاڻي تي پهتا، جتي پوليس سندس وارثن کي اهو چئي ڪاشف شاهه جو لاش حوالي ڪيو ته هن خودڪشي ڪئي آهي جنهن بعد سندس وارثن نوجوان جو لاش لاڙڪاڻي جي شعبه حادثات کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وارثن سيد حبيب الله شاهه ، سيد شفيق الرحمان شاهه ، سيد جاني شاهه، سيد لياقت شاهه، سيد فريد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس چوري جي الزام هيٺ اسان جي نوجوان سيد ڪاشف شاهه کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس آزادي لاءِ 20 هزار روپيه رشوت گهري جيڪي نه ڏيڻ تي پوليس نوجوان  مٿان بي رحماڻو تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ، هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته هن واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس توڙي فريد آباد واسي دڪاندارن عبدالغفار سيال ۽ عبدالجبار سيال خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل نه ڪيو ويو هو، جڏهن ته شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال ڪانڌڙو سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس موبائل نمبر بند هيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو تنوير احمد تنيو اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس تشدد هيٺ قتل ٿيل نوجوان سيد ڪاشف شاهه جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏنو آهي، هوڏانهن سنڌ جي گهرو کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ کي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال ڪانڌڙو ۽ ٻين ملوث عملدارن کي معطل ڪري سندن مٿان واقعي جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ۽ اهڙي واقعي جي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جنهن بعد اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پوليس رميز  کي اهو چئي آزاد ڪيو ته وڃي پئسن جو بندوبست ڪر ۽ پئسا کڻي اچي پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائي وڃ، جنهن بعد پئسن جو بندوبست نه ڪري سگهڻ تي پوليس نوجوان ڪاشف شاهه کي مبينا تشدد ڪري ماري ڇڏيو ۽ نوجوان جو لاش لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثات واري شعبي ۾ ڦٽي ڪري هلي وئي ۽ سندس وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو ته اوهان جو نوجوان ٿاڻي ۾ پاڻ کي ڦاهو ڏئي ماري ڇڏيو آهي، اسان کيس اسپتال کڻي آياسين پر هو فوت ٿي ويو. هوڏانهن مقتول ڪاشف شاهه جي ڀاءُ رميز ۽ ماساتن ڪامران ۽ عامر شاهه ايس ايس پي ۽ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان جو نوجوان ڪاشف علي شاهه 16 سالن جو ۽ نائين ڪلاس جو شاگرد هيو جيڪو ڪڏهن به چوري ۾ ملوث نه رهيو آهي.هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جي تحقيقات ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ ۽ انڪوائري کان پوءِ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وارثن اهو پڻ چيو ته نوجوان ڪاشف شاهه جي ڳلي تي تشدد جا نشان چٽا نظر اچن ٿا جنهن مان ثابت آهي ته اسان جي نوجوان ڀاءُ کي پوليس بيگناهه تشدد ڪري ماريو آهي ۽ اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے