22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٻه ڀيرا فائرنگ، ڀاتي محفوظ، جاچ ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي: چيف جسٽس

لاهور(م ڊ/ آن لائن/ اي پي پي) لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي. جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم، ڪيس داخل ڪيو ويو.. پوليس ذريعن مطابق اڻڄاتل ماڻهن طرفان 2 ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جا واقعا گذريل رات 4:45 ۽ آچر جي ڏينهن صبح 09:45 تي پيش آيا. پوليس طرفان اڃان تائين حملي ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. فرانزڪ ٽيمن 2 ڀيرا جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر جو دورو ڪيو ۽ گولين جا خول ٻيون شاهديون گڏ ڪيون. شروعاتي جاچ رپورٽ مطابق رات جو فائر ڪيل هڪ گولي مرڪزي دروازي ۽ صبح سان فائر ڪيل هڪ گولي بورچي خاني جي دري کي لڳي، فائرنگ نائن ايم ايم پسٽل سان ڪئي وئي، پوليس سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان واقعي واري جاءِ جو جائزو وٺي رهي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جسٽس اعجاز الاحسن جي رهائشگاهه پهتو ۽ صورتحال جي پاڻ نگراني ڪئي. چيف جسٽس آءِ جي پنجاب ڪيپٽن (ر) عارف نواز خان کي به جسٽس اعجاز الحسن جي گهر طلب ڪري ورتو. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جسٽس اعجاز الاحسن جي رهائشگاهه تي ٿيل فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي  آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. ان حوالي سان صوبائي قانون واري وزير رانا ثنا الله نجي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جسٽس اعجاز الحسن جي رهائشگاهه جي ٻاهر سيڪيورٽي موجود هوندي آهي ۽ اتي سي سي ٽي وي ڪئميرائون به نصب ٿيل آهن. هن چيو ته فائرنگ جي واقعي جي حوالي سان في الحال ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. پوليس، رينجرز ۽ ڳجها ادارا ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهبو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي رهائشگاهه تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته چيف جسٽس پاڻ ان مسئلي جي نگراني ڪري رهيو آهي. فائرنگ جي واقعي کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير جو پي ايس او به جسٽس اعجاز الحسن جي رهائشگاهه تي پهتو پر سپريم ڪورٽ جي انتظاميا ان جي ڪنهن سان به ملاقات ڪرائڻ کان معذرت ڪئي. واضح رهي ته جسٽس اعجاز الحسن سميت سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي جج هن وقت لاهور ۾ آهن جيڪي لاهور رجسٽري ۾ اهم نوعيت جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن.واقعي جو ڪيس پوليس سپاهي آصف جي فرياد تي ماڊل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اڻڄاتل ماڻهو نامزد ڪيا ويا آهن. ان ۾ 324، 327 ۽ 7 اي ٽي اي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر حملي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم قائم ڪئي وئي آهي. جنهن جو سربراهه ڊي آءِ جي جاچ سلطان چوڌري کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي جاچ غلام مبشر، ايس ايس پي سي آءِ اي نديم عباس ۽ ايس ايس پي جاچ شاڪر احمد به  جاچ ٽيم ۾ شامل آهن. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ گهري ورتي آهي. شهباز شريف واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هن آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي مختلف سياسي شخصيتن مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي معزز جج جي گهر تي فائرنگ وارو واقعو ڳڻتي جوڳو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري وائکو ڪيو وڃي. پ پ اڳواڻ ۽  اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه به واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ق ليگ جي چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي به واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته واقعي جي فوري طور جاچ شروع ڪرڻ گهرجي ۽ ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار طرفان به واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.1129

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي درخواست تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پير ڪليم خورشيد چيو هو ته سپريم ڪورٽ بار عدليا سان گڏ بيٺل آهي، واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي ۽ جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلايا وڃن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ججن جي تحفظ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ  هاءِ ڪورٽ بار جي صدر محمد سليم مڱريي به واقعي خلاف سڀاڻي مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته واقعي خلاف وڪيل سڀاڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪندا. سپريم ڪورٽ جي ترجمان طرفان بار ڪائونسلز جي هڙتال جي اعلان کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان سڄي ملڪ ۾ سمورين بار ڪائونسلز کي هڙتال واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هڙتال واپس وٺي ڇڏي آهي پر ٻين بار ڪائونسلز طرفان ڪو بيان سامهون ناهي آيو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب چيف جسٽس حمايت تي سڀني بار ڪائونسلز جا ٿورا مڃيا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سڀاڻي مختلف عدالتن ۾ سائلين جي ڪيس مقرر ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري وڪيل برادري انصاف جي فراهمي لاءِ عدالتن ۾ پيش ٿئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي درخواست تي سپريم ڪورٽ بار هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف لاهور ۾ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته واقعي جي جاچ ۾ اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي..1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے