18 اربع , جولاءِ 2018

سسلين مافيا ملوث آهي، راڻا ثنا ۽ سعد رفيق حملن جا ماهر آهن، شهباز شريف استعيفيٰ ڏئي: پي ٽي آءِ

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جسٽس اعجاز جي گهر تي حملي ۾ نواز شريف کي ملوث قرار ڏيندي پنجاب جي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪجي ٿي. اعليٰ عدليه تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سسلين مافيا جا هٿڪنڊا جمهوري دور ۾ قبول نه آهن. تحريڪ انصاف ۽ عدليه ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ  آهي ۽ اسان جي 29 اپريل واري جلسي جو اهو هڪ نڪتو به آهي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي فوري طور ۽ مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ معاملي جي تهه تائين پهچڻ گهرجي. پنجاب جو وڏو وزير استعيفيٰ ڏئي. راڻا ثناءُ الله ۽ سعد رفيق اهڙين وارداتن جو تجربو ۽ مهارت رکن ٿا. فوري طور ڪيس داخل ڪري ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے