22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف نگران وزيراعظم لاءِ نالا فائنل ڪري ڇڏيا،تصدق جيلاني ۽ عشرت حسين نامزد

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني ۽ اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين جا نالا  چونڊي ورتا.ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل ڏينهن بني گالا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ نگران وزير اعظم جي نالن لاءِ پي ٽي آءِ ٻن نالن جي منظور ڏني آهي.جن ۾ اڳوڻو چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني ۽ اسٽيٽ بينڪ جو اڳوڻو گورنر عشرت حسين شامل آهن.انهن نالن کي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه تائين پهچائڻ جي ذميواري شاهه محمود قريشي جي حوالي ڪئي وئي آهي، شاهه محمود قريشي جلد خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري تجويز ڪيل نالا سندس حوالي ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے