27 جمعہ , اپریل 2018

نواز شريف جو چوڌري نثار کي وري قبولڻ کان انڪار، شهباز جون ڪوششون ناڪام

لاهور(م ڊ)پنجاب جي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ٻن ڏينهن دوران چوڌري نثار ٽين ملاقات ڪئي.ميڊيا جي رپورٽن موجب مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثارعلي خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران  پارٽي جي مخلتف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ شهباز شريف ڪراچي جي دوري تي چوڌري نثار سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي مسلم ليگ ن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب چوڌري نثار ڪجهه پارٽي اڳواڻن جي بيانن تي خدشن جو اظهار ڪيو جنهن تي شهباز شريف کيس خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.آن لائن موجب چوڌري نثار ڪجهه پارٽي اڳواڻن جي ادارن سان جهيڙي جي پاليسي تي به اعتراض ڪيو. ذريعن موجب نواز شريف ۽ شهباز شريف چوڌري نثار کي پرچائڻ لاءِ ويندا ۽ کيس پارٽي ۾ ڪردر ادا ڪرڻ لاءِ راضي ڪندا. شهباز شريف چيو ته پارٽي کي توهان جي سخت ضرورت آهي ۽ اسان سڀ گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين. هي سفر آئينده به جاري رکڻو آهي. ان لاءِ هن وقت سمورا اختلاف وسارڻا پوندا. هوڏانهن شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزو ڪالهه ٽپهري جو اوچتو جاتي امرا پهچي ويا ۽ نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي ابتدائي رپورٽ کان آگاهه ڪيو. هنن ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن تي صلاح مشورا ڪيا. نواز شريف چيو ته جسٽس اعجاز جي گهر تي فائرنگ جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ جوابدار جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن. شهباز شريف کيس چوڌري نثار سان ملاقات بابت ٻڌايو ته چوڌري نثار پارٽي سان گڏ هلڻ چاهي ٿو ۽ اختلاف ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب ان ملاقات ۾ نواز شريف چوڌري نثار کي گرين سگنل نه ڏنو ۽ چيو ته مون تي ڏکيو وقت آيو ته چوڌري نثار همدردي ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ بدران ساٿ ڇڏي ويو. اهڙي شخص کي ڪيئن ٻيهر اهميت ڏيان. جڏهن ته شهباز شريف کيس قائل ڪندو رهيو اسان کي هن وقت اختلاف ختم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے