27 جمعہ , اپریل 2018

جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي حملي جي جاچ ڪرائي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي لاهور ۾ رهائشگاهه تي حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي آزاد جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ پ پ پ چيئرمين چيو ته ججز کي ڌمڪائڻ وارو عمل معاف ڪرڻ جوڳو ناهي ۽ جسٽس اعجاز الحسن جي رهائشگاهه تي فائرنگ ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح ملوث جوابدار بچڻ نه گهرجن ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ججن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي، ان حقيقت باوجود ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو هو، پر پيپلز پارٽي پاران عدليا سان ڪنهن به لاڳاپيل تي هڪ پٿر به نه اڇلايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے