18 اربع , جولاءِ 2018

غربت يا ڌيءُ ڄمڻ جي ڪاوڙ؟ والدين نئين ڄاول بيمار نياڻي اسپتال ۾ ڇڏي فرار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڏيڍ هفتو اڳ کپرو جي رهواسڻ بيبي آملا کي هڪ نينگريءَ جو اولاد ٿيو، نياڻي ڄمندي ئي بيمار ٿي وئي ۽ کيس پيٽ مان رت اچڻ لڳو، جنهن کي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻارڙن واري وارڊ ۾علاج لاءِ داخل ڪيو، گذريل  ڏينهن کان نئين ڄاول نينگريءَ جي مائٽن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته کپرو جي رهواسڻ بيبي آملا کي ويم لاءِ سول اسپتال آندو ويو هو، جتي کيس نياڻي جو اولاد ٿيو، ٻارڙي کي پيٽ مان رت اچڻ ڪري ٻارڙن واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، پر هاڻ نينگريءَ جي وارثن جو ڪو به پتو نه پئجي رهيو آهي، نينگريءَ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سندس وارث کيس ڇڏي هليا ويا آهن، اسپتال جي فائل ۾ نينگري جي مائٽن جو پتو کپرو جو لکيل آهي، جنهن تي لکيل فون نمبر به مسلسل بند ملي رهيو آهي.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے