18 اربع , جولاءِ 2018

حيدرآباد مان اي جي پي جو مرڪزي اڳواڻ امداد پنهور کنڀجي ويو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد مان عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي فناس سيڪريٽري امداد پنهور کنڀجي ويو، پوليس سندس گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، اي جي پي جي ترجمان موجب امداد پنهور ڪالهه شام 6 وڳي ڌاري حيدرآباد جي گدو چوڪ واري علائقي ۾ قائم اي جي پي جي مرڪزي آفيس مان جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل 6 اهلڪار کيس کڻي ويا، جنهن کانپوءِ سندس گرفتاري ظاهر نٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته قاسم آباد ۽ حسين آباد ٿاڻي تان پڻ امداد پنهور جي گرفتاري بابت معلومات ورتي، پر پوليس سندس گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. اي جي پي جي ترجمان موجب امداد پنهور بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، سندس گمشدگي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي.17

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے