27 جمعہ , اپریل 2018

لياري کي هاڻي پورو حصو ملڻ گهرجي، نوجوانن کي مارڻ جو بهانو نه هلندو:ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي (رپورٽر) لياري جي علائقي چاڪي واڙي ۾بلوچ اتحاد مرڪز تي ”لياري ڪي ان ڪهي ڪهاني“ ڪتاب جي ليکڪ رمضان بلوچ، ” اند آ دينڪ“ جي ليکڪ هاني بلوچ، ”سڪوت بول پڙا“ جي ليکڪ وحيد نور ۽ ”لياري آن دي رائيز “ جي ليکڪ عمير رزاق جي مان ۾آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ”لياري ڪي ان ڪهي ڪهاني“ ڪتاب جي ليکڪ رمضان بلوچ چيو ته لکيل پڙهيل نوجوان طبقو لياري کان ٻاهر نڪري، سرمائيداري نظام کي پنهنجي لکڻين جي صورت ۾ چئلينج ڪرڻو پوندو، اسان رڳو ميڊيا کي چئلينج ڪيون ٿا، لياري ۾ اسان جي مسئلن جو حل ناهي، اسان جي حالت تيستائين تبديل نه ٿيندي، جيستائين نظام تبديل نه ٿيندو، عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته  لياري هن وقت به شاعرن اديبن ۽ ليکڪن جي شڪل ۾ موجود آهي، لياري کي نوگو ايريا چيو ويندو هو، انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته لياري رمضان بلوچ جهڙن شخصيتن سان موجود آهي، هاڻي لياري جي اڌوري ڪهاڻي کي مڪمل ڪرڻ رمضان بلوچ جو ڪم آهي، هن وڌيڪ چيو ته 77 جي ڏهاڪي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان لياري هارون ۽ سعيد خان جي حوالي ڪئي وئي، جنهن بعد ستار گبول واري وقت لياري جا نوجوان اٿيا ۽ لياري جو واڳون پاڻ سنڀالڻ جو نعرو لڳايو، هاڻي لياري ۾اسان جي ٻارڙن کي هٿيار نه گهرجن، انهن کي زندگي جا طريقا سکڻ گهرجن، نوجوانن کي مارڻ جو بهانو به هاڻي نه هلندو، هن چيو ته بلوچ اتحاد جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي، اهو ساراهه جوڳو آهي، لياري کي هاڻي پورو حصو ملڻ گهرجي، ” اند آ دينڪ“ جي ليکڪ هاني بلوچ چيو ته ڇو اسان پاڻ کي لياري تائين محدود ڪري رکيو آهي، اسان پنهنجي گهرن ۾ عورتن سان ٿيندڙ مسئلن کي ڇو نه ٿا سمجهون، مان پنهنجي ڪتاب ۾ لياري جي گهرن ۾ عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي، هن چيو ته اسان کي مختلف پروگرامن ۾ پنهنجي ٻارن کي به وٺي وڃڻ گهرجي، جيستائين غربت ۽ استحصال ختم نه ٿيندو تيستائين تبديلي نه ايندي، تقريب کي بلوچ اتحاد جي چيئرمين عابد بروهي، عمير رزاق، وحيد نور، اسحاق خاموش، اداڪار انور اقبال، يارمحمد ويداني، شبير بلوچ، اسحاق شهزاد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ويا.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے