22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه:لاکا برادري  جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪڻڪ جي ديري کي باهه، احتجاج

*ڀٽ شاهه ڀرسان  لاکا برادري  جي با اثرن   زمين جي تڪرار تان پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن تي تشدد ڪري  کين ڪڻڪ جي ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، متاثرن جو چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ  اختيارين کان انصاف جو مطالبو……….

ڀٽ شاهه ڀرسان  لاکا برادري  جي با اثرن   زمين جي تڪرار تان پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن تي تشدد ڪري  کين ڪڻڪ جي ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ڳوٺ الهه وسايو لاکو ۾ زمين جي تڪرار تان لاکا برداري جي بااثرن  زمين جي پراڻي تڪرار تان پنهنجي ئي برادري جي  مردن ۽ عورتن تي تشدد ڪري کين  ڪڻڪ جي ديري کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو.

متاثر  پيرسن عورت  مسمات راستي پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن سان گڏجي ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پهتي.

ان موقعي تي پيرسن عورت مسمات راستي لاکو صحافين سان ڳالهائيندي چيو تـ ڳوٺ جي  با اثرن نواب ، وحيد ،شاهن ، خالد لاکو ، منير لاکو ۽ ٻين بلاجواز  حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هن چيو تھ  بااثرن  عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪرڻ  بعد ڪڻڪ جي د يري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

مسمات راستي  وڌيڪ  چيو تـھ  بيواهه عورت آهيان  ، اسان جي زرعي زمين تي  با اثر قبضو ڪرڻ چاهن ٿا.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ، آئي جي سنڌ  اي ڊي خواجھ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري  کان مطالبو ڪيو  تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرر انقصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 ٻي پاسي ڀٽ شاهه پوليس زخمي ٿيل عورتن کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NAB, ISPR, Karachi, Kandhkot

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*ڀارت جي ڌمڪين  جو پاڪ فوج جواب  ڏئي ڇڏيو، جنگ لاءِ تيارآهيون: پاڪ فوج ترجمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے