18 اربع , جولاءِ 2018

پريانڪا ڪرينا سان دشمني ۽ شاهه رخ سان ويجهڙائي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا شاهه رخ خان سان لاڳاپن ۽ ڪرينا ڪپور سان دشمني جي افواهن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي. ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي پريانڪا چوپڙا ۽ ڪرينا ڪپور هڪ ٻئي سخت حريف بڻجي ويون هيون. فلم ”اعتراض“ کانپوءِ ٻنهي جي دشمني ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو هو ۽ ٻنهي هڪ ٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. فلم ”هيروئن“ جي رليز کانپوءِ ڪرينا پريانڪا تي طنز ڪندي چيو هو ته هن جي فلم پريانڪا جي فلم ”فيشن“ کان ڪيترائي ڀيرو بهتر آهي ڇا ٿيو جيڪڏهن هن نيشنل ايوارڊ نه کٽيو جنهن تي پريانڪا ڪرينا کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي چيو هو ته ڪرينا تي ڪرينا تي انگور کٽا آهن وارو مثال فٽ بيهي ٿو ڇو ته جڏهن ڪنهن کي ڪا شئي ناهي ملندي ته هو ايئن ئي چوندو آهي. هڪ شو دوران پريانڪا ڪرينا سان گڏ پنهنجي دشمني بابت ڳالهائيندي چيو هو ته مان گهڻي ايماندار آهيان ۽ مونکي خبر آهي ته ڪير منهنجو دوست آهي ۽ ڪير نه، جيڪي ماڻهو منهنجا دوست آهن انهن کي مان پاڻ کان به ويجهو رکندي آهيان. ان سو دوران هن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو هو ته مان انهن تمام افواهن جي تصديق يا ترديد نه ڪنديس جيڪي خبرون منهنجي ۽ شاهه رخ بابت ميڊيا تي گردش ڪنديون رهنديون آهن، ڇو ته اسان عوامي شخصيتون آهيون ۽ اهڙيون تمام افواهون ۽ اسڪينڊلز اسان جي زندگي جو حصو آهن. اسان جي زندگين ۾ ڇا هلي رهيو آهي ماڻهن کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي. چاهي اهي انهن افواهن تي يقين ڪن يا نه ڪن، منهنجي ترديد ڪرڻ سان اهي افواهون غلط ثابت نه ٿي وينديون. ياد رهي ته فلم ”ڊان 2“ جي شوٽنگ دوران اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ شاهه رخ خان وچ ۾ ويجهڙائن جون افواهون ميڊيا تي ڦهلجي ويون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Irfan Khan's picture eradication of bad health-related forces

عرفان خان جي تصوير خراب صحت بابت افواهن جو خاتمو آڻي ڇڏيو

لنڊن(شوبز نيوز) عرفان خان جي ٽوئيٽر تي خوشگوار موڊ ۾ تصوير اداڪار جي خراب صحت …