23 آچر , سيپٽمبر 2018

سونم ڪپور جي شاديءَ جي تاريخ جو اعلان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سونم ڪپور هلندڙ سال مئين ۾ لائون لهندي جنهن لاءِ شادي جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل مطابق ڀارتي اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي شادي کانپوءِ هاڻي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ خبرون گردش هيٺ آهن ته سونم ڪپور ۽ مشهور واپاري آنند آهوجا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي جنهن لاءِ شاديءَ جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان سونم ڪپور ۽ آنند آهوجا جي شادي بابت مختلف اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، پر هاڻي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته اداڪارا پنهنجي شادي جي تقريب سوئٽزرلينڊ جي شهر جينيوا ۾ سجائيندي. جڏهن ته ان حوالي سان تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق سونم ڪپور هلندڙ سال 6 مئي تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي، شادي جي مک تقريب ڀارت جي شهر ممبئي ۾ 6 ۽ 7 مئي تي ڪئي ويندي جنهن لاءِ ڀرپور تياريون جاري آهن ۽ مداح به اداڪار جي شادي لاءِ گهڻا پرجوش آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے