23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪنگنا رناوت سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. بالي ووڊ جي اداڪار ۽ شخصيتون پنهنجي اداڪاري ۽ فلمي تشهير لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺنديون آهن. پري رهڻ سبب سوشل ميڊيا مداحن کي به پنهنجي پنهنجي پسنديدا شخصيتن جي ويجهور ڪري ڇڏيو آهي اهو ئي سبب آهي ته فلمي ستارا به پنهنجي مداحن سان رابطي ۾ رهندا آهن پر بالي ووڊ ڪوئن ڪنگنا رناوت آخرڪار سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق بالي ووڊ اداڪار ڪنگنا رناوت جو چوڻ آهي ته منهنجي سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جا ڪيترائي سبب آهن پر منهنجي ويجهو سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته ان جي استعمال سان وقت ضايع ڪرڻ آهي. ڪنگنا چيو ته تمام ماڻهو مونکي اڪائونٽ کولڻ جو چوندا آهن ڇوته ڪجهه ڪمپنيز پنهنجي پروڊڪٽس جي تشهير لاءِ منهنجو سهارو وٺڻ چاهينديون آهن ڇوته انهن ويجهو منهنجو سوشل ميڊيا تي هئڻ تمام ضروري آهي جيڪو منهنجي مطابق درست ناهي، مان پنهنجي زندگي ۾ ان ڪم جي تشهير نٿي چاهينديس جنهن ۾ مان ڪو ڪردار ادا نه ڪيان. اداڪارا وڌيڪ چيو ته مان ايئن ڪڏهن به نه چاهيندس ته ڪو منهنجي (سوشل ميڊيا يا ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تي) نمائندگي ڪندي منهنجون مصروفيتون بيان ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے