18 اربع , جولاءِ 2018

والاريل ڪشمير زيادتي ڪيس: آصفه جي خاندان هندو انتها پسندن طرفان ڌمڪيون ملڻ بعد علائقو ڇڏي ڏنو

سرينگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير زيادتي بعد قتل ڪيل 8 ورهين جي نينگري آصفه جو خاندان هندو انتها پسندن جي ڌمڪين بعد اباڻي علائقو ڇڏڻ تي مجبور.والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪٺوا ۾ 8 ورهين جي نينگري آصفه کي اغوا بعد ڪيترن ڏينهن تائين زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ مقتولا جي خاندان کي ڌمڪيون ملڻ بعد هنن اباڻو علائقو ڇڏي ڏنو .مقتولا نينگري والد امجد علي چيو آهي ته اسان جي گهرن کي ساڙڻ ۽ مال کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون، جنهن سبب علائقو ڇڏڻو پيو.هن چيوته شروعاتي طور تي لڳي رهيو  هو ته اسان کي انصاف ملندو پر جوابدار جي آزادي جي حق ۾ نڪتل ريلين ۽ اسان کي علائقو ڇڏڻ جي ڌمڪيون ملڻ بعد احساس ٿيو آهي ته ماڻهن جو وڏو انگ ڏوهارين سان گڏ آهي. ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي آصفه جي خاندان کي کي انصاف فراهم ڪرڻ جو يقين ڏيارو هو پر هاڻ اهي دعويٰ ڪنهن ڪم جا ناهن رهيا.هوڏانهن پوليس جوابدارن جي خلاف چارج شيٽ عام ڪري ڇڏي جنهن موجب معصوم ٻارڙي جي اغوا بعد کيس مندر ۾ رکيو ويو جتي هن  سان ٽن ڄڻن مسلسل 4 ڏينهن تائين اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا جنهن بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش مندرويجهو ئي اڇلايو ويو .پوليس موجب زيادتي ڪندڙ ٽن جوابدارن مان هڪ پوليس اهلڪار آهي جڏهن ته هڪ ريٽائرڊ سرڪاري آفيسر سنجي رام پڻ شامل آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام پنهنجي طاقت اسلام ۽ شريعت لاءِ استعمال ڪري: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هاڻ حڪومتون توپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے