18 اربع , جولاءِ 2018

غزا ۾ اسرائيلي سرحد ڀرسان ڌماڪو، 4 فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي سرحد ويجهو احتجاجي هنڌ تي ڪار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خابرو اداري موجب عزا جي سرحدي پٽي ڏکڻ ۽ اوڀرندي ۽ حصي ۾ هڪ ڪار زوردار ڌماڪي سان تباهه ٿي وئي جنهن بعد ڪار کي باهه وڪوڙي وئي. هي ڌماڪو اسرائيلي سرحد کان ڪجهه سئوميٽرن جي مفاصلي تي احتجاج واري هنڌ تي فلسطيني ڪيمپن ويجهو پيش آيو جتي گذريل 3 هفتن کان هزارين فلسطيني پنهنجي حقن لاءِ اسرائيل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.فلسطين جي صحت واري کاتي پنهنجي بيان ۾ ڌماڪي ۾ 4 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهون زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.فلسطيني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ٽينڪ مان گول فائر ڪيو جنهن ۾ ڪار کي نشانو بڻايو ويو ٽينڪ جو گولو لڳڻ ڪري ڪار زوردار ڌماڪي سان تباهه ٿي وئي جنهن سبب جاني نقصان ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ۾ پاڪستاني شهري کي ماريندڙ 5 ڄڻن جون سِسيون ڌَر کان ڌار ڪيون ويون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي گودام ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے