24 سومر , سيپٽمبر 2018

هاڻ کَنڊ سان ڪيو زخمن جو علاج

هراري (ويب ڊيسڪ) جسم تي  رَهڙ يا زخم هجڻ جي صورت ۾ اينٽي بايوٽڪ جي مدد ورتي ويندي آهي پر هڪ نئين طبي تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته زخم ڀرڻ لاءِ اينٽي بايوٽڪ جي جاءِ تي کنڊ به استعمال ڪري سگهجي ٿي. زمبابوي سان واسطو رکندڙ محقق موسيس موراندو موجب کنڊ سان جسم تي آيل رَهڙ يا زخم جو علاج ڪري سگهجي ٿو. موسيس ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءُ کي ڪنهن به هنڌ زخم تي دوا بدران کنڊ لڳائيندي ڏسندو هو، جنهن مان هو ايترو متاثر ٿيو جو ان تي تحقيق شروع ڪري ڇڏيائين. هو اهڙا تجربا ڪندو رهندو هو ۽ هڪ ڏينهن غور ڪيائين ته ڪنهن به قسم جو ڌَڪ لڳڻ کانپوءِ کنڊ سان اهو زخم تيزي سان ڀرجي ويندو آهي. بي بي سي فيوچر جي رپورٽ موجب موسيس موراندو 1997ع ۾ برطانيا جي نيشنل هيلٿ سسٽم ۾ نرسنگ جو ڪم ڪرڻ پهتو، جتي هن ڏٺو ته طبي ميدان ۾ کنڊ مان ڪو فائدو نه پيو ورتو وڃي، جيتوڻڪ ان کي دوا طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڏينهن آيل مريض جي زخم تي پٽي ٻڌندي هن کنڊ جو استعمال ڪيو، جنهن سان اهو 15 ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويو. تحقيق موجب پٽيءَ کي جيڪڏهن آلو رکيو وڃي ته زخم تڪڙي ڀرجي ويندو آهي، جڏهن ته کنڊ جا ذرا پٽيءَ تي ڳَرندا رهندا آهن، تنهن ڪري زخم جي پٽي آلي رهندي آهي. موسيس موراندو ان تجربي تي يونيورسٽي آف وولور هيمپٽن سان لاڳاپيل سندس سينيئر استاد تحقيق ڪئي ۽ کنڊ جي خاصيتن تي غور ڪيو، جنهن کانپوءِ موسيس جي ڳالهه درست ثابت ٿي، اهو ئي سبب آهي جو موسيس جي ڪم کي ڏسندي کيس جرنل آف ونڊ ڪيئر طرفان هلندڙ سال اعزاز سان به نوازيو ويو. موسيس موراندو جو چوڻ آهي ته ڪنهن به زخم تي پٽي ڪرڻ دوران ان تي کنڊ هاري وڃي ته ان جا ذرا زخم جا جراثيم ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جاري آهي ته ڇا اهو طريقو شگر جي مريضن لاءِ به فائديمند هوندو يا نه.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Geo-identifier smartphone app in one hour

هڪ ڪلاڪ ۾ جيوڙن جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون ايپ

سانتا باربرا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن 100 ڊالرن جي هڪ سمارٽ فون ڪٽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے