18 اربع , جولاءِ 2018

جي ميل واهپيدارن لاءِ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائيندو

ڪيليوفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل طرفان اي ميل سروس جي ميل جي ويب ورزن جي نئين ڊيزائن کي جلد متعارف ڪرايو ويندو، جنهن جي نئين ڊيزائن جون تصويرون سامهون به آيون هيون، جڏهن ته هاڻ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان نئين جي ميل ۾ هڪ دلچسپ فيچر به سامهون اچڻ وارو آهي، جنهن جي مدد سان ماڻهو اهڙيون اي ميلز وصول ڪري سگهندا، جيڪي هڪ خاص وقت کانپوءِ پاڻمرادي طور ڊليٽ يا گم ٿي وينديون. هونئن ته ڪنهن اي ميل سروس لاءِ سموريون اي ميلز سروسز ۽ اي ميل ڪلائنسٽس سان مطابقت پيدا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي پر پوءِ به گوگل سادي POP3/IMAP/SMTP پروٽوڪول کي پوئتي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي. ليڪ ٿيندڙ اسڪرين شاٽس مان اندازو ٿئي ٿو ته هڪ خاص وقت کانپوءِ اي ميلز ايڪسپائز ٿي وينديون ۽ انهن کي پڙهڻ ممڪن نه هوندو. ان فيچر تحت اي ميل ڪمپوز ڪندي هڪ ننڍي تالي جو آئيڪون ”ڪانفيڊنشل موڊ“ نالي سان هوندو، جنهن کي اپلاءِ ڪرڻ تي جنهن ماڻهو وٽ اها اي ميل ويندي، اهو ان جو مواد فارورڊ، ڪاپي، پيسٽ، ڊائون لوڊ يا پرنٽ نه ڪري سگهندو. اهڙي ريت موڪليندڙ واهپيدار اي ميل جي ايڪسپائري ڊيٽ به طئي ڪري سگهندو، جيڪا هڪ هفتو، هڪ مهينو، سال ۽ وڌيڪ به ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اي ميل سينڊ ڪندڙ وصول ڪندڙ جي سڃاڻپ جي تصديق پاس ڪوڊ ذريعي ڪري سگهندو. اڃا واضح ناهي ته اهو فيچر جي ميل کان هٽي ڪري اي ميل سروسز تي به ڪم ڪري سگهندو يا نه، ڇو ته ان لاءِ ڪانفيڊينشل ميسيج ڏسڻ لاءِ گوگل اڪائونٽ تي ٻيهر لاگ  اِن ٿيڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Full home-made "Wheeler" robot within 54 hours

54 ڪلاڪن اندر مڪمل گهر تيار ڪندڙ ”ڪاريگر“ روبوٽ

فرانس(ويب ڊيسڪ) فرانسيسي تعميراتي اداري هڪ اهڙو ڪاريگر ربورٽ ٺاهيو آهي جيڪو ٿري ڊي پرنٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے