22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مٽياري: سي آءِ اي پوليس جو  چورن سان مقابلو، هڪ  ڄڻو گرفتار، 8 موٽر سائيڪلون هٿ

*مٽياري سي آءِ اي پوليس جو  موٽرسائيڪل چورن جي  بين الصوبائي گروهه سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي ۾ هڪ  ڄڻو گرفتار ڪري ڦرٿيل موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون.

سي آءِ اي پوليس مٽياري ضلعي جي انچارچ رحيم کوسو جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي هالا پراڻا ويجهو ايس ايم  بچاءَ بند وٽ موٽر سائيڪل چورن جي بين الصوبائي گروھ سان مقابلو  ڪيو.

مقابلي بعد پوليس  هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو،  جڏهن تھ چوري ٿيل 8 موٽر سائيڪلون پڻ هٿ ڪري ورتيون.

سي آءِ  اي پوليس جي انچارچ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي مٽياري سيد امداد کي ڳجهو اطلاع مليو ته موٽرسائيڪل چورن جو بين الصوبائي گروھ  هالا پراڻا وٽ درياھ  جي ڪناري تي ٻيڙي جي انتظار ۾ ويٺل آهي.

هن چيو تھ پوليس جئين  ئي واقعي واري  هنڌ پهتي ته ڏوهارين فائرنگ  شروع ڪري ڏني ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾  تيمور ڳهلو کي  چوري ٿيل 8موٽرسائيڪلن سميت گرفتار  ڪري ورتو آهي، جڏهن تھ ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا آهن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Khursheed Shah and other candidates have filed anti-election petitions

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

سکر: خورشيد شاهه ۽ ٻين پ پ اميدوارن جي ڪاميابي خلاف درخواستون داخل گمبٽ: قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے