20 خميس , سيپٽمبر 2018

ملا اختر منصور جي مارجڻ کانپوءِ طالبان سربراهه ڪير؟

امريڪا ۽ افغانستان بلوچستان ۾ طالبان سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پاڪستان ڊرون حملي بابت آمريڪا کان وضاحت گهرندي ڊرون حملي کي ملڪي سلامتي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. افغانستان جي ڳجهي اداري اين ڊي ايس بلوچستان جي علائقي دالبندين ۾ افغان طالبان جو سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪئي. افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ٽوئيٽر ذريعي اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪئي.افغان صدر اشرف غني به ملا اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪئي.  امريڪي دفاعي اداري پينٽاگون به  افغان طالبان سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. افغان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهم طالبان ڪمانڊر به ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي.

ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغان اختيارين کي اعتماد ۾ وٺي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته ملا اختر منصور افغانستان ۾ آمريڪي فوجين لاءِ خطرو بڻجي چڪو هو. جان ڪيري چيو ته طالبان سربراهه تي حملي بابت وزيراعظم نواز شريف سان فون تي ڳالهايو هو، جڏهن ته حملو واضح پيغام آهي ته پــُر امن ۽ خوشحال افغانستان لاءِ به ڪم جاري رکيو ويندو. هو ڏانهن پاڪستان جي حدن اندر ملا اختر منصور جي مارجڻ بابت پاڪستان آمريڪا کان وضاحت گهري آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا جو چوڻ آهي ته طالبان سربراهه جي مارجڻ بابت کيس ميڊيا رپورٽن ذريعي ڄاڻ ملي، هــُو طالبان سپريم ڪمانڊر جي مارجڻ جي تصديق جو انتظار ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ترجمان موجب فوجي طاقت جو استعمال افغان مسئلي جو حل ناهي ۽ طالبان کي به تشدد جورستو ختم ڪري ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي.

ٻئي پاسي طالبان جي سينيئر ڪمانڊر ملا عبدالرئوف، اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته افغان طالبان جي سربراهه ملا اختر منصور جو موت افغانستان ۾ امن جي ڪوششن جي سلسلي ۾ وڏي ڪاميابي آهي،

مُلا اختر منصور جي مارجڻ کان پوءِ طالبان شوريٰ نئين سربراهه جي  چونڊ جي لاءِ گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون آهن. آچر ڏينهن افغانستان ۾ طالبان جي رهبر شوريٰ جو اجلاس رٿيو ويو. جنهن ۾ طالبان اڳواڻن امير طالبان ملا منصور جي مارجڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. فاڪس نيوز موجب طالبان ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس سومر ڏينهن به جاري رهندو ۽ امڪان آهي ته طالبان حقاني نيٽ ورڪ جي سربراهه سراج الدين حقاني کي پنهنجو نئون ليڊر چونڊين. طالبان عهديدار موجب ڪيترائي طالبان اڳواڻ سراج الدين حقاني جي نالي تي متفق آهن.

ٻئي پاسي افغان معاملن جي ماهر سينيئر صحافي رحيم الله يوسف زئي چيو آهي ته افغان طالبان جو قائم مقام امير شيخ هيبت الله ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته  ملا عمر جي پٽ ملا يعقوب کي طالبان جو نئون امير بڻائڻ جو به  امڪان آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dokri: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ڏوڪري: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري ۽ مجلسون

*ڏوڪريءَ ۾ ڪربلا جي ياد ۾ 9 محرم الحرام جي حوالي سان ماتمي جلوس برآمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے