27 جمعہ , اپریل 2018

برطانيا جي دوري تي قومي ٽيم فخر زمان کي ڊيوڊ وارنر جيان استعمال ڪندي

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر فخر زمان کي ڊيوڊ وارنر جيان انينگز جي شروعات ۾ ئي مخالف ٽيم تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ  منصبو ٺاهي ورتو .مڪي آرٿر جي ڪوچنگ ۾ قومي ٽيم انگلينڊ ۾ ٿيندڙ چيمپئنر ٽرافي ۾ ڪيترن ئي مضبوط مخالف ٽيمن کي شڪست ڏيندي ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪاميابي ماڻي هئي گرين شرٽس عالمي ٽي 20 رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن ٽيم بڻي.پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ صورتحال وڌيڪ سٺي نه رهي، يونس خان ۽ مصباح الحق  جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ به وقت گهربل آهي. ٻنهي سينيئرن جي ريٽائرمنٽ بعد پهرين سريز ۾ سريلنڪا جي اڻ تجربيڪار ٽيم قومي ٽيم کي سندس مضبوط قلعي يو اي اي ۾ شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيسٽ ميچڻ شڪست ڪوچنگ اسٽاف ۽ رانديگرن تي سواليا نشان ڇڏيا هئا. انهن مسئلن جو حل ڳولهڻ لاءِ چونڊ رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي. هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر اشارو ڏنو آهي ته آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي مشڪل ڪنڊيشنز جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ لاءِ جارحاڻو انداز اپنايو ويندو. ذريعن موجب آرٿر جي چوڻ تي ئي فخر زمان کي مڪمن ٽيسٽ پيلئرن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن جو خيال آهي ته آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ڊگهي فارميٽ ۾ به جارحاڻي شروعات ڪندي مخالف ٽيمن کي دٻاءُ هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي، انڪري فخر زمان به قومي ٽيم لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو .مڪي آرٿر چيو آهي ته پنهنجي ڪم ۽ ٽيم سان محبت ڪندو آهيان، ڪوشش آهي ته ڪوچنگ جون ذميواريون مڪمل ٿيڻ تائين اهڙو ٽيم ڪلچر ۽ ورثو ڇڏيان وڃان جنهن تي پاڪستان کي فخرٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حسن علي جو ايڪشن، نجم سيٺي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا

ڪلڪتو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي فاسٽ بالر حسن علي طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے