22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھ: ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

*ڀٽ شاھ  ۾  ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن  غلام حيدر نظاماڻي، مور اوڏ، حاڪم سولنگي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

 ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

 هنن چيو ته پيپلز پارٽي به ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ڏوهه ۾ برابر جي شريڪ آهي

 هنن چيو ته سنڌ واسي پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪن ته هو سنڌ سان وسياهه گهاتي ڇو ڪري رهيا آهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي ۽ جڙيل سڃاڻپ ڪارڊ ڪينسل ڪري نادار چيئرمين کي هٽايو وڃي …………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے