18 اربع , جولاءِ 2018

سام سنگ جو”سستو“ ڊوئل ڪئميرا فون متعارف

سام سنگ پنهنجو هڪ نئو ”سستو“ ڊوئل ڪيمرا وارو فون جي7 متعارف ڪرايو آهي. هي فون ڀارت ۾ متعارف ڪرايو ويو اهي جيڪو 12 اپريل کان صارفين لاءِ وڪرو ٿيندو  جئين ته هن جي خاص ڳالهه اها آهي هن ۾ گليڪسي نوٽ 8 ۽ گليڪسي ايس 9 پلس جهڙا ڪجهه فيچر  هن ڊيوائس ۾ موجود آهن  هي سام سنگ جي سيريز جو پهريون فون آهي جنهن ۾ ڊوئل ڪيمرا ڏنو ويو آهي. هن جي بيڪ تي 13 ۽ 5 ميگا پڪسل جي ڪئميرا ڏني وئي آهي  جڏهن ته فرنٽ 8 ميگا پڪسل جي ڪيمرا آهي. ٽنهي ڪيمرائون ۾ ايف 1.9 آپرچر ۽ ايل اي ڊي فليشن موجوب آهي جڏهن ته لائيو فوڪس ۽ پس منظر ڏيکاڙن جهڙا به فيچر هن فون جو حصو آهن. جڏهن ته بيڪ گرائونڊ بلور شيپ فيچر سان صارفين تصوير ۾ سافٽ لائٽ ايفيڪٽ جو اضافو ڪري سگهن ٿا. هي 5.5 انچ جي ايڇ ڊي سپر اموليڊ ڊسپلي سان گڏ آهي جنهن ۾ ڪپمني جي پنهنجي ايڪسينس 7 سيريز اوڪٽا ڪور پراسيسر ڏنو آهي جڏهن ته 4 جي بي ريم 32 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 256 جي بي تائين اضافو ڪري سگهجي ٿو. اينڊرائيڊ اوريو  آپريٽنگ سسٽسم.3000 ايم اي ايڇ بٽري، فنگر پرنٽ سنسر، آر جي بي لائٽ سنسر ۽ يو ايس بي 2.0 پورٽ  وغيره به هن جو حصو آهن. هن فون ۾ فيس ان لاڪ فيچر به ڏنو ويو آهي  جيڪو صارفين کي منهن سان فون کي ان لاڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. هي فون ڀارت ۾ بليڪ ۽ گولڊ رنگن ۾ 16 هزار 900 رپيا( لڳ ڀڳ 30 هزار پاڪستاني رپيا) ۾ وڪرو ڪئي ويندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Planting water providers is a robot robot

ٻوٽن کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو سورج مکي روبوٽ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙو سورج مکي روبوٽ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جيڪو سج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے