22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين سرڪاري ڪار جون ڪجهه خاصيتون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تڪراري بيانن ۽ حرڪتن سبب ته خبرن جي زينت بڻجندو رهندو آهي جڏهن ته هاڻ سندس نئين سرڪاري ڪار به عالمي ميڊيا جي خبرن جو مرڪز بڻيل آهي.پرڏيهي خابرو ادري موجب ڪيڊيلاڪ ڪمپني طرفان ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ هڪ نئين آفيشل ليموزين ڪار تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي ايندڙ ڪجهه ميهنن ۾ منظرعام تي آندو ويندو.هن ڪار کي گذريل سال آڻڻ جو  جو پروگرام هو ، پر  گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ويو ته هن ڪار جي نمائش اونهاري جي آخري ۾ ڪئي ويندي في الوقت هي حتمي جاچ لاءِ سيڪرٽ سروس جي حوالي ڪئي وئي آهي. آمريڪي صدر جي نئين ڪار کي دنيا جي محفوظ ترين ڪار جو خطاب ڏنو ويو آهي هي ڪار رڳو ڌماڪيدار مادي سان ئي محفوظ نه رهندي پر بيلسٽڪ ميزائل  جي حملا به هن کي ڪو نقصان نٿا پهچائي سگهن جڏهن ته ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيار به هن ڪو نقصان نٿا رسائي سگهن .5 لک ڊالرن جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ هن ڪار جو وزن 8 ٽن هوندوجنهن جا دروازا 8 انچ ٿلها فولادي چادر مان ٺاهيا ويا آهن .ڪار جي چادر 5 انچ ٿلهي هوندي، جنهن تي پوائنٽ فور فور جي بندوق پڻ بي اثر هوندي گاڏي جي اندر ئي فائر فائٽنگ سسٽم پڻ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته هن ۾ آنسو گيس شيل ۽ دونهو ڇڏيندڙ گيس پڻ موجود هوندي. گاڏي کي سيڪرٽ سروس جي خاص تربيت حاصل ڪيل شخص هلائيندو رهندو. گاڏي پيٽرول جاءِ تي خاص فوم استعمال ڪيو ويندو.جنهن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن ٽينڪ تي سڌو سنئون حملو ڪيو ويو تڏهن به هن ۾ باهه نه لڳندي. هن نئين گاڏي جا ٽائر اڳوڻي صدر بارڪ اوباما جي ڪار کان الڳ آهن ۽ هنن ۾ اهڙي ٽينالاجي استعمال ڪئي وئي آهي ته جو جيڪڏهن هو ڪنهن طرح سان پنڪچر به ڪيا وڃن تڏهن به اها سفر جي قابل رهندي آهي.ٻئي پاسي هن ۾ نائٽ وزن ڪيمرا، جي پي ايس ٽريڪنگ ۽ سيٽلائٽ ڪميونيڪيشن سسٽم پڻ لڳايو ويندو ته جئين آمريڪي صدر هر وقت رابطي ۾ رهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے