27 جمعہ , اپریل 2018

ڪوئا ٽي بي جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ بهترين صلاحيت رکندا آهن: ماهر

تنزانيه(ويب ديسڪ) هڪ نئي جاچ مان انڪشاف ٿيو آهي ته عام ٽيسٽ جي مقابلي ۾ ڪوئا ٻارن ۾ ٽي بي جي 70 سيڪڙو تائين درستگي تائين سڄاڻپ جي صلاحيت رکندا آهن. عالمي ماهرن ڪوئنجي خاص تربيت ڪئي آهي جنهن جي ذريعي ٻارن ۾ ٽي بي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو  جڏهن ته هن جي جاچ جنرل آف پيڊرياٽڪ ريسرچ ۾ شائع ٿي آهي.جڏهن ته ٽي بي جا مريض خاص قسم جي ڌپ  خارج ڪندا آهن جنهن کي عام ٽيسٽ جي ذريعي نظر انداز ڪيو ويندو آهي پر ڪوئا ان جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا. ماهرن موجب غريب آفريقي ملڪن ۾ جديدي ليباٽريون موجود ناهن ان سلسلي ۾ ڪوئا ان مرض جي سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.سائنسي ٽيم جي سربراهه جورجيئس مگود جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ٻارن ۾ بيڪٽريا جي سطح تي مرض جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهندي ۽ ان سبب ان جي علاج ۾ تاخير ٿيندي آهي، ان لاءِ غريب ملڪن ۾ ٻارن ۾ تي بي جي سڃاڻپ  هڪ قابل اعتماد ۽ گهٽ خرچ طريقي جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي جيڪا هاڻي ڪوئن جي صورت ۾ موجود آهي. جورجيئس مگودي موجب قوا 68 کان 70 سيڪڙو ٽي بي جي ڪيسن  ڪاميابي سان سڃاڻپ ڪري چڪا آهن. ان لاءِ آفريقا جي وڏن ڪوئن جو هڪ قسم ڪرائسٽومس اينسور  گائي ۾ هي خاصيت نوٽ ڪئي وئي آهي، ته هو مائيڪو بيڪٽيريئم ٽيوبر ڪلوسس جي سالمات  ڏپ کي سڃاڻي سگهن ٿا. تجربي لاءِ جورجيئس ۽ ان جي ساٿين 5 سالن جي گهٽ عمر جي 982 ٻارن کي ٽي بي جي ٽيسٽ لاءِ  گڏ ڪيو جنهن کي بهترين اسپتالن ۾ خوردبين سان ڏٺو ته 24 ٻار ٽي بي جا شڪار  نڪتا، ان کان پوءِ ڪوئن جو نمبر آيو ته انهن وڌيڪ 57 ٻارن ۾ هن مرض جي سڃاڻپ ڪئي جيڪا 68 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. اهڙي طرح ان جي درست سڃاڻپ  جي شرح 70 سيڪڙو تائين نوٽ ڪئي وئي جيڪا وڌيڪ حوصلا افزائي آهي. صحت جي عالمي اداري صحت (ڊبليو ايڇ او) موجب تپ دق(ٽي بي) هاڻي به دنيا ۾ جان وٺندڙ 10  بيمارين مان هڪ آهي.  هي اڪثر غريب ملڪن ۾ پنهنجا پير رکندي آهي، ان ملڪن ۾ چين، انڊونيشيا، پاڪستان، ڀارت نائجيريا ۽ فلپائن سر فهرست آهن. هر سال 10 لک ٻار ان مان متاثر ٿيندا آهن جنهن ۾ اڍائي لک موت جي منهن ڏانهن هليا ويندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميلريا جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي:بل گيٽس

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ ڪمپني جي مالڪ بل گيٽس چيو آهي ته مليريا جهڙي موذي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے