18 اربع , جولاءِ 2018

رات جو دير سان سُمهڻ ۽ صبح جو دير سان اُٿڻ تڪڙي موت جو ڪارڻ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو رات جو دير سان سمهن ۽ صبح دير سان اٿن ٿا، انهن ۾ وقت کان اڳ مرڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. 4 لک 33 هزار ماڻهن تي ڪيل ان تحقيق مان خبر پئي ته صبح سوير اٿندڙن جي ڀيٽ ۾ رات جو دير تائين جاڳندڙن ۾ مرڻ جو امڪان 10 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ اها به خبر پئي آهي ته دير سان اٿندڙ ڪيترن ئي قسمن جي دماغي ۽ جسماني مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. سائسندانن تحقيق دوران حصو وٺندڙ کان، جن جي عمر 38 کان 73 ورهين جي وچ ۾ هئي، پڇيو ته ڇا اهي جلدي اٿندڙ آهن يا دير سان اٿندا آهن، پوءِ سائنسدانن انهن جو ساڍن 6 ورهين تائين مشاهدو ڪيو. عمر، جنس، قوميت، سگريٽ پيئڻ جي عادت، وزن ۽ معاشي حالتن جهڙن عنصرن کي نظر ۾ رکندي سائنسدانن معلوم ڪيو ته صبح جو سوير اٿندڙن ۾ موت جا امڪان سڀني کان گهٽ هئا، جڏهن ته جيڪي ماڻهو رات جو جيترو وقت جاڳندا هئا، انهن ۾ مرڻ جو خطرو به ايتري ئي شرح سان وڌندو هو. هوڏانهن رات جو دير تائين جاڳندڙن ۾ نفسياتي مسئلن جو شڪار هجڻ جا امڪان به 90 سيڪڙو وڌيڪ هئا، جڏهن ته 30 سيڪڙو شگر جو امڪان هو، ان سان گڏوگڏ انهن کي ڪيترين ئي قسمن جي مرضن جو به خطرو هو. طبي ماهرن اهڙن مسئلن جي حل لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون آهن.

  1. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته صبح جي وقت تيز روشني ۾ رهو پر رات جي وقت نه.
  2. ڪوشش ڪيو ته ننڊ جو وقت باقاعدي هجي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي، دير سان نه سمهو.
  3. ذهن ۾ رکو ته توهان جي ننڊ جو وقت ڪيترو اهم آهي، صحتمند زندگي اختيار ڪيو.
  4. رات جو جلدي سمهو ۽ اها به ڪوشش ڪيو ته صبح جو اُٿڻ ۾ دير نه ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دل جي مرض جي دوا ويلسرٽان جي وڪري ۽ خريداري تي پابندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دل جي مرضن لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا ويلسرٽان (Valsatran) جي وڪري ۽ خريداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے