20 خميس , سيپٽمبر 2018

بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ماڻڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي: مهوش حيات

خوبصورت ۽ من موهڻي اداڪارا مهوش حيات پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ فلم” ايڪٽر ان لا“  لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪراچي ۾ ٿيل چئن ڏينهن جو پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي پاڪستان جي شوبز ستارن سميت عالمي فلم نگري جي ٻين شخصيتن به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شوبز اسٽارز خوب جلوا ڏيکاريا ۽ پاڪستاني فلم نگري لاءِ نئين دور جي شروعات ڪئي. ايوارڊز گالا نائٽ ۾ مهوش حيات کي فلم ايڪٽر ان لا ۾ سٺي اداڪاري تي بهترين اداڪارا جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. مهوش حيات مصروفيتن سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي پر مداحن سان انسٽا گرام تي ايوارڊ تصوير شيئر ڪئي ۽ ٿورا مڃيا. هن پنهنجي پيغام ۾  چيو ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي.  هن چيو ته فلم ۾ مينو اسڪريو والا جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ پاڪستاني پارسي ڇوڪري پنهنجي برادري لاءِ آواز اٿاريندي آهي ۽ عورتن جي حقن لاءِ اٿي کڙي ٿيندي آهي، خاص طور هڪ اهڙي معاشري ۾ جتي مردن کي اوليت ڏني ويندي آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے