21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ادبي سنگت عورت شاخ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ ۽ اڀرندڙ ليکڪائون سنڌ ۾ چاليهن سالن کان پوءِ ٻيو ڀيرو به ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ئي عورتن جي ادبي سنگت قائم ٿي!:سنڌو پيرزادو

77-1976ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ادبي سنگت عورت شاخ قائم ڪئي وئي، موهن جي دڙي ۽ ڪچي جي ڀرسان آباد هن ڳوٺ جي عجيب تاريخ آهي. هي ڳوٺ ماضيءَ ۾ صوفين جي آستاني، راڳ جي ڄاڻو، ماهرن جو ڳوٺ جتي ڪو ڪلاسيڪل راڳي به سوچي سمجهي ڳائيندو هو ته متان ڪا غلطي ٿئي ڇو ته هي ٻلهڙيجي آهي غلطي فورن پڪڙ ۾ اچي ويندي. هتي غلام حسين نالي هڪ اهڙو راڳي به گذريو آهي جيڪو جڏهن ڳائيندو هو ته مينهن وسي پوندو هو. هو منهنجي پيءُ ستار پيرزادي جو نانو هو ۽ بابا چوي ٿو ته هن پنهنجي ناني کي سر سارنگ ڳائيندي ۽ مينهن کي وسندي ڏٺو آهي، شاهه جمال جي درگاهه تي راڳ جون محفلون اڄ ڏينهن تائين هلنديون آهن، وري ڪميونسٽ پارٽي واري دور ۾ هي ڳوٺ پڻ سڀني کان اڳتي رهيو، هن کي ”لٽل ماسڪو“ چيو ويندو هو، ايڏي سجاڳي هوندي ڪيئن پيو ٿي سگهي ته هتان جون عورتون پٺتي رهن ها.

تعليم ۽ سياسي شعور ته ٻلهڙيجي جي عورت کي ورثي ۾ مليو انور پيرزادي ۽ ٻين سندس ساٿين جن ۾ مير محمد پيرزادو، ستار پيرزادو وغيره شامل هئا. عورتن ۾ ادبي شعور به پيدا ڪيو، ادبي سنگت عورت شاخ انور پيرزادي جي ڪوششن جو نتيجو هئي. عورت شاخ جي پهرين سيڪريٽري ملڪه پيرزادو هئي، ان دور ۾ ميران پيرزادو ٻلهڙيجيءَ جي نالي واري شاعرا هئي. هوءَ پيشي جي لحاظ کان ماسترياڻي هئي ۽ ڳوٺ جي ئي اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. سندس شاعريءَ جو ڪمال اهو هو ته هوءُ تمام بولڊ ۽ سگهارا نظم لکندي هئي. ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ هوءَ جڏهن پنهنجا نظم ٻڌائيندي هئي ته عورتن لاءِ هڪ اتساهه جو سبب بڻجندا هئا. سندس شاعري اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ هوءَ سڄي سنڌ ۾ ٻلهڙيجيءَ جو وقار ٿي سامهون آئي.

سوچيان ٿي هي اهو دور هو جڏهن ٻلهڙيجيءَ جي اوسي پاسي واري ڳوٺن ۾ عورت ٻنين تي سڄو ڏينهن ڪم ڪري رات جو مڙس کان مار کائي سمهي پوندي هئي. عورت گهر ۽ ڳوٺ کان وڌيڪ ڪجهه سوچي ڪا نه سگهندي هئي. اهڙي دور ۾ جڏهن اڇي برقعي جي مخصوص ننڍڙي ڄاريءَ جيتري دنيا ڏسڻ جي عورت کي اجازت هئي، اهڙي دور ۾ جيڪڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ ادبي سنگت ۾ عورتون اهڙا نظم پڙهنديون هيون ته اهو هڪ معجزي کان گهٽ ڪو نه هو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي انور پيرزادي جي گهر ۾ ٿيندي هئي، جتي هڪ ڪمري جي ڪچي فرش تي رليون وڇايون وينديون هيون ۽ عورتون گولائي ۾ ويهنديون هيون.

ڪهاڻيون، مضمون، ناول ۽ ان دور جي ادب تي ڳالهايو ويندو هو، ان ئي دور ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي ٻي به هڪ ڇوڪري اڀري رهي هئي جيڪا تعليم سان گڏ ادب پڻ پڙهندي هئي. هوءَ ادبي سنگت عورت شاخ جي سيڪريٽري هئي، سندس نالو ملڪه پيرزادو آهي.هوءَ اڄ ڏينهن تائين علم ۽ ادب سان سلهاڙيل آهي. پر اڳتي هلي ڪجهه سببن ڪري هي گڏجاڻيون بند ٿي ويون، ۽ وري اهڙيون بند ٿيون جو چاليهه سال گذري ويا. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻيو ڀيرو به سنڌ ۾ عورتن جي اها شاخ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي قائم ٿي. نئون نسل جوان ٿي ويو، جنهن رڳو ادبي سنگت ۽ ادبي گڏجاڻين جو احوال ڪنهن پراڻي داستان وانگر پنهنجي مائرن کان ٻڌو هو.

منهنجي تعليم ۽ تربيت ڪراچيءَ ۾ ٿي پر ڳوٺ سان منهنجو واسطو منهنجي ڏاڏيءَ ڪري مضبوط هوندو هو ڇو ته اسان هر سال موڪلن ۾ عيدن تي ۽ شادين يا فوتگين تي ڳوٺ ويندا هئاسين. مون کي 2014ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ سرڪاري نوڪري ”جي ايس ٽي“ جو آرڊر ميرٽ تي مليو، ايئن مان نوڪريءَ جي ڪري جڏهن ڳوٺ رهڻ لڳس ۽ ان وچ ۾ منهنجو ڪتاب ”اداسي“ پڻ پڌرو ٿيو جيڪو ڳوٺ جي عورتن لاءِ هڪ اتساهه جو سبب بڻيو. مان پهريون دفعو ڏٺو ته صفا گهريلو عورتون به مون کان منهنجو ڪتاب گهري پڙهن پيون. ان ئي دوران انور پيرزادي جي صحافي پٽ زرار پيرزادي ڪنهن ڪم سان مون ڏي فون ڪئي ۽ ڳالهين دوران هن خواهش ڏيکاري ته ڇو نه ادبي گڏجاڻيون ٻيهر شروع ڪيون وڃن، ڳوٺ ۾ تمام سٺي Activity هوندي، مون پهريون ته انڪار ڪيو، ڇو ته مان سوشل صفا نه هوندي آهيان ۽ هر هفتي هڪ گڏجاڻي رکڻ تمام ڏکيو پيو لڳيم، پر پوءِ هن جي زور ڀرڻ تي مان راضي ٿيس ۽ اسان 26 نومبر 2017ع تي آچر جي ڏينهن پهرين گڏجاڻي ڪئي. هي هڪ تاريخي موقعو هو. 40 سالن کان پوءِ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ وري ادبي سنگت عورت شاخ جي گڏجاڻي ٿي رهي هئي.

هن گڏجاڻي ۾ ادبي سنگت جي ضرورت ۽ اهميت بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ عورتن انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪئي، جنهن چاليهه سال اڳ هن ڳوٺ ۾ ادبي سنگت عورت شاخ جو بنياد وڌو هو. پهرين ئي گڏجاڻيءَ ۾ مون کي احساس ٿي ويو ته ڳوٺ جي عورتن ۾ ساڳيو ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور موجود آهي. پهرين گڏجاڻي ۾ جيڪا شاعرا اسان جي سامهون آئي، اها رونق پيرزادو هئي، جنهن جي شاعري اسان کي حيران ڪري ڇڏيو، سندس هڪ نظم هتي مثال طور پيش ڪيان ٿي.

ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي دلي سان دل

ڳوٺاڻي ڇوڪري دل سان دلو ڀرڻ وڃي ٿي

دلي سان

دل جون ڳالهيون ڪري ٿي

دلي کي پنهنجي محبوب جي

دانهن ڏئي ٿي

دلو ڪري ٽٽي ٿو پوي

ڇوڪريءَ جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي

ارمان پاڻيءَ جيان وهي وڃن ٿا

هوءَ روئي گهر پڄي ٿي

ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي دلي سان دل.

رونق پيرزادو جو هي نظم ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا نظم هاڻ هر گڏجاڻيءَ جو حصو هوندا آهن، ڇوڪريون فرمائش ڪري رونق کان نظم ٻڌنديون آهن ۽ کيس ڀرپور داد ڏينديون آهن. ادبي سنگت جي موجوده گڏجاڻين ڄڻ ته ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي، عورتون هن گڏجاڻيءَ جو انتظار ڪنديون آهن.

ادي ميهر لطف پيرزادو جڏهن گڏجاڻين ۾ پنهنجون ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائيندي آهي ته سندس جملن تي عورتون ڪڏهن اداس ٿينديون آهن ته ڪڏهن ٽهڪڙو مچي ويندو آهي. ادي ميهر نظم به تمام سٺو لکي پئي، هوءَ هڪ سرگرم ميمبر بڻجي سامهون آئي آهي، سندس دل وانگر سندس گهر به هر وقت سنگت جي گڏجاڻين لاءِ حاضر هوندو آهي.

انهن موجوده ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ فوزيا پيرزادو هڪ بهترين شاعرا طور اڀري رهي آهي. سندس نثري نظم ڳوٺ ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي رهيا آهن. سندس نظم جو هڪ خاص ماحول هوندو آهي، هڪ گهري اداسي، درد، جدائي ۽ محبت جي لازوال احساس سان ڀرپور نظام اسان کيس فرمائش ڪري وري وري ٻڌندا آهيون. سندس نظم جون ڪجهه سٽون پيش ڪيان ٿي:

پاڇو

اڄ موسم اداس آهي

روح کي بيقرار ڪري ٿي ڇڏي

ڪاش تون اچي سگهين

تون جيڪو ڪيڏو دور آهين

اسان ٻنهي جو قصو

ڪيڏو نه عجيب آهي

گڏ گڏ هلون پيا

پر وڇوڙو

الاءِ ڪيڏانهن اچي وڃي ٿو

سوچان ٿي

شام به ته هڪ حقيقت آهي

شام کان پوءِ ته

هر پاڇو

ساٿ ڇڏي ويندو آهي.

فوزيا جي نظمن اسان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، سندس نظم پڙهي مون کي يقين ٿيندو آهي ته ڏات خدا جي طرفان ڏنل هوندي آهي ۽ شاعري واقعي به الهام ٿيندي آهي جيڪا وحيءَ وانگر ماڻهوءَ جي دل تي لهي ٿي.

سنبل، سپت ۽ نفيسا پيرزادو کان علاوه سنڌو جانيئڙو ۽ ادي شبانا پيرزادو پڻ تمام سٺا نظم لکي رهيون آهن.

پهرين فيبروري 2018ع تي سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ نالي واري شاعرا روبينا ابڙو جي صدارت هئي. خاص مهمان رحمت پيرزادو هو. هن اليڪشن ۾ آئون (سنڌو پيرزادو) سيڪريٽري، نظير بيگم جوائنٽ سيڪريٽري، ميهر لطف پيرزادو ڪائونسلر، شڪيلا پيرزادو خزانچي، روزينا پيرزادو، سپت پيرزادو، فوزيا پيرزادو ۽ رونق پيرزادو ڪاروباري ڪميٽيءَ جون ميمبر چونڊيون ويون.

ٿوري ئي عرصي ۾ اسان انور پيرزادي تي پروگرام ڪيو، ملڪه پيرزادو تي پروگرام ڪيو، غوث، سائل، امر پيرزادي، ادل سومري ۽ رحمت پيرزادي جي شاعريءَ تي پروگرام ڪيا آهن ۽ ادي روبينا ابڙو سان پڻ خوبصورت رهاڻ ڪئي وئي. نون ڪتابن تي تبصرا پڻ ڪندا آهيون، اسان جي سنگت پرعزم ۽ باهمت عورتن جي تنظيم آهي. اسان کي تمام گهڻين ڏکيائين سان منهن ڏيڻو ٿو پوي ڇو ته مرداڻي سماج ۾ ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ عورتن کي ايترو منظم ۽ متحرڪ ڏسڻ ڪجهه ماڻهن کان برداشت نٿو ٿئي. ڪڏهن ڌمڪيون، ڪڏهن گاريون ۽ مختلف طريقن سان ڊيڄاريو ويندو آهي پر ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جون عورتون بهادريءَ سان پنهنجو ڪم ڪرڻ ڄاڻين ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے